24 منگل , اپریل 2018

ترڪ فوج جي عراق ۾ هوائي ڪارروائي، 80 ڪرد باغي مارجي ويا

انقرا(ويب ڊيسڪ) ترڪ فوج جي اتر عراق ۾ هوائي حملن ۾ عليحدگي پسند پارٽي ڪردستان ورڪرز پارٽي جا 80 ويڙهاڪا مارجي ويا. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ترڪ فوج اتر عراق جي علائقي اسوس ۾ هوائي ڪارروائي ڪئي آهي. جنهن جي نتيجي ۾ ڪرد عليحدگي پسند ” پي ڪي ڪي“ سان سلهاڙيل 80 ويڙهاڪ مارجي ويا. ترڪ فوج طرفان هوائي ڪارروائي جي تصديق ڪري ڇڏي آهي، فوجي اختيارين جي بيان ۾ چيو ويو آهي ته اتر عراق ۾ ڪيل هوائي ڪارروائي ۾ ترڪي جي ويڙهاڪ جهازن حصو ورتو ۽ ان ۾ ” پي ڪي ڪي“ جي استعمال هيٺ ڊپو ۽ ڪيترين ئي گاڏين کي تباهه ڪيو ويو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اتر ڪوريا ۾ بس حادثو، 32 چيني سياح فوت

اتر ڪوريا ۾ ٽريفڪ حادثي ۾ 32 چيني سياح فوت ٿي ويو، چين جي پرڏيهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے