20 ہفتہ , جنوری 2018

خواجا آصف نااهلي ڪيس: عثمان ڊار جواب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) خواجا آصف نااهلي ڪيس ۾ عثمان ڊار طرفان جواب الجواب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو آهي. تفصيل موجب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ خواجا آصف جي نااهلي لاءِ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، ڪيس جي ٻڌڻي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 3 رڪني لارجر بينچ ڪئي. خواجا آصف جي لکت واري جواب ۾ عثمان ڊار جي وڪيل جواب جمع ڪرائيندي چيو ته خواجا آصف 3 جولاءِ 2011ع ۾ حاصل ڪيل پگهار جي مڪمل تفصيل ناهي ٻڌائي، وفاقي وزير اعتراف ڪيو ته هو پرڏيهي ڪمپني جو ملازم ۽ ليگل ايڊوائزر آهي. عثمان ڊار طرفان ابو ظهبي جي بينڪ اڪائونت جي ٽرانزيڪشن جو رڪارڊ به جواب سان گڏ جمع ڪرايو جنهن ۾ چيو ويو آهي ته خواجا آصف نامزدگي وارن ڪاغذن ۾ ابو ظهبي جي بينڪ اڪائونت جو ذڪر ناهي ڪيو، عدالت کان اپيل آهي ته پرڏيهي وزير کي نااهل قرار ڏنو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

زينب جي قاتلن جي عدم گرفتاري خلاف پنجاب اسيمبليءَ ۾ ٺهراءُ جمع

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) تحريڪ انصاف قصور جي نينگري زينب جا قاتل هڪ هفتو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے