24 آچر , جون 2018

نيلسن منڊيلا جو پوٽو مانڊلا منڊيلا لاهور پهتل

لاهور(وين ڊيسڪ) ڏکڻ آفريقا جي پارليامينٽ ميمبر ۽ اڳوڻي صدر نيلسن منڊيلا جو پوٽو مانڊلا منڊيلا طرفان اسلام آباد قبول ڪرڻ کان پوءِ مديني کان لاهور اچڻ تي سندس شاندار استقبال ڪيو ويو. لاهور جي علامه اقبال ايئرپورٽ تي مانڊلا منڊيلا جي استقبال لاءِ پاڪستان عوامي تحريڪ ( پي اي ٽي) جي سربراهه ڊاڪٽر طاهر القادري جي پٽ محي الدين ۽ پي اي ٽي اڳواڻ خرم نوازگنڊاپور سميت ٻيا ماڻهو موجود هئا. ايئرپورٽ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي مانڊلا منڊيلا جو چوڻ هو ته پاڪستان اچي کيس ڏاڍي خوشي ٿي آهي. مانڊلا منڊيلا چيو ته ڏکڻ آفريقا ۾ فٽبال سان گڏوگڏ ڪرڪيٽ به شوق سان کيڏي ويندي آهي، پاڪستان ۾ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ تان پابنديون هٽڻ کان پوءِ هو بطور پارليامينٽ ميمبر پوري ڪوشش ڪندو ته ٻئي ملڪ پاڻ ۾ ڪرڪيٽ کيڏن ۽ هن ان اميد جو اظهار پڻ ڪيو ته جلد ئي سندس ٽيم پاڪستان ايندي. ان موقعي تي هن نيلسن منڊيلا کي به ياد ڪيو ۽ چيو ته منهنجو ڏاڏو جيئن جمهوريت جي بحالي لاءِ ڪوششون ڪيون اهي قدر ڪرڻ جوڳيون آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Seattle prepared the Pakistan Local resources

پاڪستان مقامي وسيلن سان سيٽلائيٽ تيار ڪري ورتو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان مقامي وسيلن سان پاڪ ٽيس ون اي سيٽلائيٽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے