17 اربع , جنوري 2018

جنگ شروع ٿي ته اتر ڪوريا جو نالو نشان مٽائي ڇڏينداسين: آمريڪا

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) آمريڪا هڪ ڀيرو ٻيهر آمريڪا کي ڌمڪي ڏني آهي ته جيڪڏهن اتر ڪوريا سان جنگ ٿي ته ان جو سبب پيانگ يانگ جي شرپسندي هوندي تنهن هوندي جنگ جي صورت ۾ اتر ڪوريا جي حڪومت جو نالو ۽ نشان ئي مٽائي ڇڏينداسين. اتر ڪوريا جي هلندڙ بيلسٽڪ ميزائل تجربي کان پوءِ ٿيل سلامتي ڪونسل جي هنگامي اجلاس دوران آمريڪي سفير نڪي هيلي عالمي برادري کي صلاح ڏني آهي ته اهو اتر ڪوريا سان سفارتي ۽ واپاري لاڳاپا ختم ڪري. آمريڪي سفير چيو ته اتر ڪوريا جي بيلسٽڪ ۽ ايٽمي هٿيارن جي پروگرام کي منهن ڏيڻ لاءِ فوجي سميت سمورا آپريشن غور هيٺ آهن تنهن هوندي ٽرمپ انتظاميا سفارتي آپشن کي ترجيح ڏئي رهي آهي. نڪي هيلي چيو ته جيڪڏهن جنگ ٿي ته ان جو سبب اتر ڪوريا جي شرپسندي هوندي جنهن جو مثال گذريل ڏينهن وارو بيلسٽڪ ميزائل تجربو آهي تنهن هوندي جنگ شروع ٿي ته پيانگ يانگ حڪومت کي تباهه ڪرڻ ۾ ڪا غلطي نه ڪئي ويندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀارتي حڪومت حج سبسڊي ختم ڪري ڇڏي

ڪابل(ويب ڊيسڪ) ڀارتي حڪومت مسلمانن کي ڏنل حج سبسڊي مڪمل طور تي ختم ڪري ڇڏي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے