25 سومر , جون 2018

آمريڪا جو سلامتي ڪونسل ۾ اتر ڪوريا سان سفارتي تعلقات ختم ڪرڻ جو مطالبو

نيويارڪ(ويب ڊيسڪ)آمريڪا چيو آهي ته اتر ڪوريا تي جنگي جنون سوار آهي ان لاءِ عالمي برادي هن سان سفارتي ۽ تجارتي تعلقات ختم ڪري. اتر ڪوريا پاران بيلسٽڪ ميزائل جي تجربي کان پوءِ آمريڪا ۽ جاپان جي درخواست تي گڏيل قومن جو سلامتي ڪونسل جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اتر ڪوريا جي ميزائل پروگرام تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو. گڏيل قومن ۾ آمريڪي سفير نڪي هيلي چيو ته اترڪوريا کي وري وري امن جو پيغام ڏنو ويو پر پيانگ يانگ امن نه پر تباهي جو رستو اختيار ڪيو آهي. ان تي جنگي جنون سوار آهي. جيڪڏهن جنگ ٿي ته اترڪوريا جو حڪومتي نظام مڪمل طور تي تباهه ٿي ويندو. عالمي برادري اتر ڪوريا جي سفارتي تجارتي تعلقات ٽوڙي ڇڏي. هوڏانهن امريڪي صدر ٽرمپ پنهنجي پيغام ۾ اترڪوريا تي وڌيڪ پابنديون لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي ته جئين امريڪي اختيارن پاران  اڃا تائين ان جي تفصيل جاري ناهي ڪئي،

هي به ڏسي سگهو ٿا

سعودي عرب ۾ عورتن جي ڊرائيونگ تي پابندي ختم

رياض ( ويب ڊيسڪ ) سعودي عرب ۾ عورتن جي ڊرائيونگ تي پابندي ختم ٿي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے