18 جمعرات , جنوری 2018

180 ڪلو وزن کڻي 8 ڪلاڪن تائين پرواز ڪرڻ وارو ڊرون تيار

ماسڪو(ويب ڊيسڪ) روسي  ماهرن هڪ اهڙو سخت جان وٺندڙ ڊرون تيار ڪيو آهي جيڪو 180 ڪلو گرام وزن کڻي 8 ڪلاڪن  تائين مسلسل پرواز ڪري سگهي ٿو. هن ڊرون کي ”ايس ڪي وائي ايف“ جو نالو ڏنو ويو آهي  پر ماهرن هن کي ڊرو جو هلڪ چئي رهيا آهي.  ڇو ته وزني سامان کڻي هڪ جاءِ کان ٻئي جاءِ تي منتقل ڪرڻ لاءِ ڊيزائن ڪيو ويو آهي. جڏهن ته “ ايس ڪي وائي ايف“ مڪمل طور تي خودڪار  آهي جنهن تي ڪيترائي پر لڳل آهن  هن کي فصلن کي کڻڻ ۽ ڪارخانن جو وزني سامان پهچائڻ لاءِ تيار ڪيو ويو آهي. ڊرون هنگامي جي حالت ۾ غذا ۽ دوائون به پهچائي سگهي ٿو ۽ گڏوگڏ فصلن تائين ڪيڙا مار دوائون ۽ ٻين شيون به پهچائي سگهي ٿو”ايس ڪي وائي ايف“ کي روسي ڪمپني اي آر ڊي اين ٽيڪنالوجي تيار ڪيو آهي، هن جي ڊيگهه 17 فٽ  ۽ ويڪر 8 فٽ جي لڳ ڀڳ آهي.  هي ڊرون 3 هزار  ميٽر جي بلندي تائين ۽ 70 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان پرواز ڪري سگهي ٿو . ڊرون کي پرواز لاءِ تيار ڪرڻ ۾ صرف 10 منٽ لڳندا آهن ۽ هي سڌو يا عمومي طور تي اڏرندو آهي ۽ اهڙي طرح لينڊ ڪري رهيو آهي”ايس ڪي وائي ايف“  هر طرح جي موسم ۾ پنهنجو سفر جاري رکي ٿو ۽  هن کي سامان کڻڻ وارو ڊرون چئي سگهجي ٿو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

چيني ڪمپني ايپل ۽ سام سنگ کي مات ڏئي ڇڏي

لاس ويگاس (ويب ڊيسڪ) ايپل ۽ سام سنگ جي سمارٽ فون ڊسپلي جي تياري ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے