25 سومر , جون 2018

ڪراچي ۾ زڪام، بخار ۽ سڪون آور دوائن جي کوٽ

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ڪراچي ۾ بخار سميت جسم جي سور ۽ کنگهه نزلي جي دوائون جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي. ڪراچي ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر دوائون وڪرو ڪرڻ وارا مافيا بي قابو ٿي ويا آهن. موسم جي  تبديلي جئين وائريل انفيڪشن سميت کنگهه، نزلو ۽ زڪام جو بيماريون وڌي ويون آهن  ۽ انهن جي روڪ ٿام لاءِ استعمال ٿيندڙ دوائون  تيار ڪرڻ ۽ وڪرو ڪرڻ وارن مصنوني کوٽ پيدا ڪري ڇڏي آهي. جنهن سبب غريب  ۽ مجبور ماڻهو وڌيڪ قيمتن ۾ دوائون خريد ڪري رهيا آهن. دوائون وڪرو ڪرڻ وارن موجب ڪمپنيون گذريل هڪ مهيني کان سڪون آور سميت کنگهه، نزلا، زڪام جو دوائون ۽ سيرپ فراهم نه ڪري رهي آهي. ڊرگ ايڪٽ موجب دوائون جي گهٽتائي کي پورو ڪرڻ جي ذميداري  دوا ساز ڪمپني تي لاڳو هوندي آهي ته جڏهن ته دوائون کي وڌيڪ قيمت تي وڪرو ڪرڻ قانون جي خلاف ورزي ۽ جرم آهي. هوڏانهن ترجمان ڊرگ ريگوليٽري اٿارٽي دوائون جي قيمتن ۾ اضافي جي سفارش کي رد ڪندي چيو آهي ته ڊرگ پرائيسنگ ڪميٽي جي ميٽنگ جي ايجندي ۾ ڪنهن به  دوا جي قيمت ۾ اضافو ڪرڻ شامل ئي نه هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عالمي اداري صحت ويڊيو گيمون کيڏڻ جي عادت کي ذهني بيماري تسليم ڪري ڇڏيو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) عالمي اداري صحت پهريون ڀيرو ويڊيو گيمن کي مسلسل کيڏ ڻ جي عادت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے