25 سومر , جون 2018

پاڪستان پيپلز پارٽي جا 50 سال

سيد ناصر حسين شاھ

اڄ کان 50 سال پهرين شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي اڳواڻي ۾ ڊاڪٽر مبشر حسن جي گھر تي هڪ اهم اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ سامراجي نظام جي خاتمي ۽ عوام کي آمرن ۽ ڪرپٽ حڪمرانن جي جبر کان بچائڻ لاءِ عوامي سياسي پارٽي جي قيام جو فيصلو ڪيو ويو. پاڪستان پيپلز پارٽي جو بنياد لاهور ۾ وڌو ويو پر پارٽي جو پهريون ڪنوينشن هالا ۾ ٿيو، جنهن جي ميزباني سنڌ جي عظيم روحاني ۽ سياسي شخصيت مخدوم طالب الموليٰ ڪئي هئي. مخدوم طالب الموليٰ جي گھر هالا شريف ۾ پيپلز پارٽي جو باقاعده بنياد رکيو ويو. اجلاس جي دوران شريڪ ٿيندڙن ۾ جتي باقاعده مدعو ڪيلن جو اعلان ڪيو ويو انهن ۾ اهڙا ڪيترائي نالا هيا جن جو ان کان پهرين ڪو به نمايا سياسي پس منظر نه هو پر انهن پاڪستان جي تاريخ ۾ اسٽيٽس ڪو جي مقابلي ۾ نئين سياسي ڪلچر جو بنياد رکيو، انهن ۾ جي اي رحيم (وفاقي وزير)، خورشيد حسن مير(وفاقي وزير) ملڪ معراج خالد(پنجاب جو وزير اعليٰ) غلام مصطفيٰ خان جتوئي( سنڌ جو وزير اعليٰ ۽ مواصلات بابت وفاقي وزير) غلام مصطفيٰ کر(پنجاب جو وزير اعليٰ ۽ گورنر رهيو) ڊاڪٽر مبشر حسن(وفاقي وزير خزانه) عبدالحفيظ پيرزاده (وزير تعليم ۽ وزير قانون) ڊاڪٽر غلام حسين (وفاقي وزير) شيخ رفيق احمد(صوبائي اسيمبلي جو اسپيڪر) شيخ محمد رشيد بابائي سوشلزم(وفاقي وزير صحت) رسول بخش ٽالپور(29 اپريل 1972 کان 14 فيبروري1973 تائين سنڌ جو 10 گورنر رهيو) مير علي ٽالپور(ضيا دور ۾ دفاع وارو وزير رهيو) مشهور اديب دانشور صحافي محمد حنيف رامي( پنجاب جو وزير اعليٰ) صحافي، دانشور مولانا ڪوثر نيازي( وفاقي وزير اطلاعات ۽ نشريات) معروف مزدور رهنما مختار رانا، معروف ترقي پسند رهنما معراج محمد خان سميت ڪيترن ئي ترقي پسند رهنمائن جا نالا ذڪر ۽ فخر جي لائق آهن. تقريبن اڍائي سئو جي ويجھو ڪارڪنن، رهنمائن، اديبن ۽ شاعرن ان تاريخي ڪنوينشن ۾ شرڪت ڪئي. 30 نومبر کان 1 ڊسمبر تائين مدعو ڪيل ۽ ٻين شرڪت ڪندڙن جا اجلاس ٿيا جنهن ۾ ان نئين پارٽي جي جوڙجڪ ڪئي وئي ۽ قاعد عوام جناب ذولفقار علي ڀٽو کي پارٽي جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو.

پاڪستان پيپلز پارٽي جو 50 هون يوم تاسيس اڄ ملهايو پيو وڃي ان ڏينهن جي مناسبت سان پوري ملڪ ۾ تقريبن جو انعقاد ڪيو پيو وڃي. جنهن ۾ پارٽي جي يوم تاسيس جي سلسلي ۾ ڪيڪ ڪاٽيا ويندا مرڪزي ۽ صوبائي تنظيمن پاران سيمينارز ۽ ڪانفرنسز جو به انعقاد ڪيو ويندو. جنهن کي مرڪزي ۽ صوبائي قاعدين خطاب ڪندا. پاڪستان پيپلز پارٽي يوم تاسيس جي تقريبن کي گولڊن جوبلي تقريبن طور تي ملهائيندي جنهن ۾ قربانيون ڏيندڙ ڪارڪنن کي ايوارڊ به ڏنا ويندا پيپلز پارٽي پاران 05 ڊسمبر تي پريڊ گرائونڊ ۾ وڏي عظيم شان جلسي جو انعقاد ڪيو ويندو جنهن کي بلاول ڀٽو زرداري ۽ ٻي مرڪزي قيادت خطاب ڪندي پيپلز پارٽي جا مرڪزي ۽ صوبائي رهنما ۽ ڪارڪنن پهنجي شهيد قيادت جي قبرن تي حاضري ڀري فاتحه خواني به ڪندا ان ۾ ڪراچي کان وٺي آزاد ڪشمير تائين جا ڪارڪنن قافلن جي صورت ۾ اسلام آباد ۾ پهچندا .

پاڪستان پيپلز پارٽي سوشلسٽ پارٽي آهي. هي مزدورن، هارين ۽ غريبن جي پارٽي آهي هيءَ پارٽي سرمائيداراڻي ۽ سامراجي نظامي جي خاتمي لاءِ بڻائي وئي آهي. پاڪستان جي تاريخ ۾ اها واحد پارٽي آهي، جنهن کي ڪنهن ڊڪٽيٽر ناهي بڻايو جنهن جي پٺيا ڪو به لڪل هٿ نه هيو هيءَ صرف هڪ عوامي انقلابي پارٽي آهي هميشه کان ان جي طاقت معاشري جا غريب، محنت ڪش، مزدور ۽ هاري رهيا آهن. پيپلز پارٽي پنهنجي ٺهڻ جي هڪ سال جي اندر اندر هڪ ملڪ گير تحريڪ بڻجي وئي. 6 نومبر 1968 کان وٺي 25 مارچ 1969 تائين جي 139 ڏينهن ۾ عملي طور تي طاقت حڪمران ايوان مان نڪري گھٽين، بازارن، تعليمي ادارن، ٻنين، فيڪٽرين ۾ اچي وئي .ان انقلاب جي سموري توانائي شاگردن، نوجوانن ۽ پورهيتن جي ٻڌل هئي. عوام جي پڪار کي سياسي اظهار ڏيندڙ پيپلز پارٽي جي تاسيسي دستاويز جا انقلابي نقطا ئي هئا. جن جي بنياد تي تحريڪ جي قيادت پارٽي جي هٿ آئي پيپلز پارٽي جو تاسيسي منشور هڪ انقلابي دستاويز آهي. جنهن 1968-1969 جو انقلاب کٽي ذوالفقار علي ڀٽو جي جھولي ۾ وڌو ۽ پيپلز پارٽي راتو رات ملڪ جي سڀ کان وڏي سياسي قوت ۾ تبديل ڪيو ويو انهن 50 سالن ۾ پيپلز پارٽي کي ڪيترائي ڀيرا محنت ڪش عوام اقتدار ڏياريو. ذوالفقار علي ڀٽو جي ڪرشماتي ۽ انقلابي شخصيت جي ڪشش سان عوام جٿن جي صورت ۾ انقلاب جو نعرو هڻندي پيپلز پارٽي جي طاقت بڻجندا رهيا ۽ اها اڄ تائين قائم آهي. جمهوريت لاءِ پيپلز پارٽي جون قربانيون بي مثال آهن. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، انهن جي پياري نياڻي شهيد بينظير ڀٽو، شاهنواز ڀٽو، مرتضيٰ ڀٽو ۽ بيشمار ڪارڪنن ڀٽو جي پارٽي کي زنده رکڻ لاءِ پنهنجي جانين جا نظرانا پيش ڪيا انهن قربانين جي ڪري پيپلز پارٽي اڄ به پورهيتن جي امنگن جي ترجمان آهي اڄ به زنده آهي ڀٽو زنده آهي جا نعرا لڳندا آهن. پيپلز پارٽي هن ملڪ جي غريب عوام مٿان جبر خلاف آواز ٿاريو، اميرن جي جارهيت اڳيان سينا سپر رهي. سڀ کان وڌيڪ اسلامي جمهوريه پاڪستان کي ٻه اهڙا تحفا ڏنا جنهن جي بنياد تي اڄ پاڪستان قائم ۽ دائم آهي ۽ ان جو ڪريڊٽ فقط پيپلز پارٽي ڏانهن آهي.

هڪ شيءِ جنهن جو نالو آئين پاڪستان، جنهن جي بنياد تي ملڪ جو اندروني ڍانچو قائم آهي ۽ ٻئي شيءِ جو نالو آهي ايٽم بم، جنهن جي خوف کان دشمن اسان تي حملو نٿو ڪري سگھي پر ائين چئجي ته جيڪڏهن اڄ پاڪستان قائم آهي ته پيپلز پارٽي جي انهن ٻن ڪارنامن جي بدولت قائم آهي نه ته دشمن اسان جو وجود وڃائي ڇڏي ها. وقت سخت امتحان وٺندو آهي ۽ وقت سان گڏوگڏ گھرجن بدلجنديون رهنديون آهن. آمرن سان به مصالحت ڪرڻي پوندي آهي مشرف دور ۾ ملڪ مان آمريت جي خاتمي لاءِ محترمه بينظير ڀٽو شهيد ميثاق جمهوريت جي ذريعي مفاهمت جي شروعات ڪئي ۽ اڄ ان ئي مفاهمت جي ڪري جمهوريت جو ٻوٽو قائم آهي. ان ئي مفاهمت جي پاليسي کي پيپلز پارٽي جي موجوده قيادت اڳتي وٺي هلي رهي آهي ڇو ته پيپلز پارٽي جو نعرو آهي ته جمهوريت بهترين انتقام آهي. آصف علي زرداري جي سياستدان طور قابليت کي پوري دنيا مڃي چڪي آهي جڏهن ته نوجوان بلاول اعليٰ تعليمي يافته آهي جنهن وٽ ان جي ناني جي قربانين جي وراثت ۽ نئون ويزن آهي اميد آهي ته هو پارٽي کي ٻيهر پوري ملڪ ۾ فعال ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو. .

( ليکڪ : صوبائي وزير اطلاعات، محنت، افرادي قوت ، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ حڪومت سنڌ)

هي به ڏسي سگهو ٿا

کنڀڻ ۽ گم ڪرڻ وارو سلسلو آخر ڪيستائين؟

رحمت علي تنيو سڄي ملڪ ۾ نامعلوم ماڻهن هٿان ماڻهن کي کنڀڻ ۽ کين گم …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے