18 جمعرات , جنوری 2018

پ پ جي گولڊن جوبلي ۽ زميني حقيقتون

فاطمه ڀٽو

مغلن جي وسيع سلطنت ۽ ان کانپوءِ سکن جي دور ۾ راڄڌاني جي حيثيت رکندڙ ”لاهور“  هڪ اهڙو شاندار شهر آهي، جنهن جي سار سنڀال هر دور ۾ سهڻي نموني ٿيندي رهي آهي، تنهن لاهور ۾ عاليشان باغ باغيچا، باترتيب چوڪ، وڏن وڏن وڻن جي قطارن وچان وهندڙ واهن، ويڪرن  روڊن ۽ سهڻن چوڪن کي پسندي ڪنهن کي گمام به نه ٿيندو ته مهاتما گانڌي 1929ع ۾ هن ئي شهر اندر هندستان جو ٽه رنگو جهنڊو ڦڙڪائيندي عوام کي چيو هيو ته برطانوي راڄ اڳيان سينو ساهي 26  جنوريءَ کي آزاديءَ جو ڏينهن طور ملهايو. انهيءَ ڪري هن ڏينهن کي اڳتي هلي ” ريپبلڪ ڊي“ يا ” جمهوريت جو ڏينهن“ قرار ڏنو ويو.

انهيءَ کان 11 سال پوءِ مسلم ليگ لاهور ۾ 1940ع ۾ هڪ گڏجاڻي ڪوٺائي، جنهن ۾ پاڪستان ٺاهڻ جو ٺهراءَ منظور ٿيو، انهيءَ هڪ ٺهراءَ هندستان کي ورهائي ڇڏيو ۽ دنيا جي نقشي تي هڪ نئون ملڪ اڀريو.

اڄ کان 50 پورا 50 سال پهريان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان پيپلزپارٽيءَ جو بنياد پڻ هن شهر ۾ وڌو. هندستان سان 1965ع ۾ ٿيل جنگ ۽ تاشقند ٺاهه کانپوءِ جنرل ايوب جي حڪومت ۾ پرڏيهي وزير جهڙي اهم عهدي تان استعيفيٰ  ڏئي ڀٽو اقتدار جي ايوانن مان نڪري عوام جي وچ ۾ وڃي ويٺو، هن ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهچي شاگردن، مزودر اڳواڻن، غريب ۽ ڏتڙيل عوام سان رکي ملي ويو، هن پاڪستان ۾ هڪ نئون سياسي نظريو رکندڙ سيسي پارٽي قائم ڪئي، جنهن جو نعرو هيو ” اسام اسان جو دين آهي، جمهوريت اسان جي سياست آهي،  سوشلزم اسان جي معيشت، سوشلزم اسان جو نظريو/يقين آهي ۽ طاقت جو سرچشمو آهي. پاڪستان ۾ اُن وقت تائين آزاد ۽ شفاف چونڊون ڪڏهن به ڪو نه ٿيون هيون، ڏاڍ ۽ جبر جي ان دور ۾ پيپلزپارٽي جي رومانوي نظريي ماڻهن جي دلين ۾ جاءِ ٺاهي ورتي ۽ عوام سان اهڙي گهري تعلق اقتدار ڌڻين کي اهو چتاءُ  ڏئي ڇڏيو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته عوام آزاديءَ سان پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪري ۽ هاڻ کين پنهنجي انهيءَ حق کان وڌيڪ محروم نه ٿو رکي سگهجي. پيپلزپارٽي جهڙي پارٽي ۽ ڀُٽي جي قيادت کانسواءِ عوام کي پنهنجي انهيءَ حق حاصل ڪرڻ لاءِ گهڻو وقت انتظار ڪرڻو پوي ها؟ اهو ته نه ٿو ٻڌائي سگهجي پر جيڪڏهن ماضيءَ جي ان دور ۾جهاتي پائجي، جڏهن پاڪستان کي ترقي جي راهه تي اڳتي وٺي وڃڻ جا واعدا سچا هئا ۽ انهي وچن عوام جي دلين ۾ روشنيءَ جا ڪرڻا بڻجي مايوسيءَ جي اونداهين کي ختم ڪيو هجي، تڏهن اهو سمجهڻ سولو ٿي پوندو ته ڀُٽو جيڪو ناتو پنهنجي ملڪ جي عوام سان جوڙيو هو، اُهو هن مُلڪ ۽ ڀٽو جي پارٽيءَ جي آئيندي ۽ خود ڀُٽو جي قسمت جو فيصلو ڪرڻو وارو هيو.

ذوالفقار علي ڀٽو اهو سمجهندو هيو ته 1967ع ۾ دنيا چٽي نموني ٻن طبقن ۾ ورهايل هئي، ”هڪڙي پاسي پنهنجي رَتُ ست سان اُپت ڏيڻ وارو پورهيت جڏهن ته ٻئي ڀَر ڌرتيءَ جي وسيلن تي قبضو ڪري ويٺل طبقو آهي“ صدين کان ڏاڍ ۽ جبر جي چڪيءَ ۾ پيڙهجندڙ  انهيءَ طبقي کي بااختيار بنائڻ تي ٻئي پاسي وارن لاءِ يقيني طور تي خطري جو گهِنڊ هئي، ڀُٽو ۽ سندس ساٿين 1960ع ۽ 1970 ع وارن ڏهاڪن ۾ ٽين دنيا جي اتحاد، کاٻي ڌر جي سياست، سوشلزم ۽ خودمختياري ( پاڻڀرائپ) تي جنهن نموني کُلي ڳالهايو پئي، انهيءَ مان اصل اختيار ڌڻين ۽ سرمائيدارن اهو سمجهي ورتو هيو ته  هاڻ نه صرف انهن جون دستارون محفوظ ناهن رهيون پر ڳالهه انهيءَ کان به گهڻو اڳتي ويندي ڀُٽو  جي هڪ پسنديده ليکڪ ” جيمس بالڊون“ جي لفظن ۾ ” اهو  عمل منزل ڏانهن وڌڻ کي پنهنجو حق سمجهي دنيا جي نظرن سان نظر ملائي سينو ساهي بيهڻ آهي، “جڏهن ڪو  اعتماد سان اڳتي وڌي ٿو ته اقتدار جي ايوانن کي پنهنجا ٿنڀ لڏندا محسوس ٿين ٿا ۽ اهي ان کي پنهنجي وجود مٿان حملو سمجهڻ لڳن ٿا. ڀٽو وانگر ايشيا ۽ آفريقا جي ڪيترن ئي جي ڪيترن ئي اڳواڻن جي وات تي اها ئي ڳالهه هئي جنهن جو زوردار پڙاڏو صدين کان انهن ملڪن تي قابض سامراج جا بنياد ڌوڏڻ لڳو هيو. سرحد جي ٻئي پار اندرا گانڌي به اها ڳالهه پئي ڪئي، گهانا جي ڪوامي نڪروما جي زبان مان به اها  ئي ڳالهه پئي نڪتي. الجيريا جو نوجوان نسل فرانس سان ساڳي زبان ۾ ڳالهائي رهيو هيو. اها هڪ اهڙي ٻولي هئي، جنهن جي گرامر جو صرف هڪڙو اصول هيو ” آزادي“ ڀٽو ۽ ان جي نئين پارٽي جي انهيءَ نظريي  جو مقابلو ايئن ڪيو ويو، جو کيس تخته دار جي راهه ڏيکاري ويئي ۽ سندس پارٽيءَ جا بنياد ڪمزور ڪندي اُن ۾ بد عنواني پيدا ڪئي  ويئي ۽ ان پارٽيءَ جون واڳون هڪ سوچيل منصوبي تحت اهڙن هٿن تائين پهچايون ويون، جن جي طاقت ۽ اختيار کي ڀٽو ذرو ذرو ڪرڻ چاهيندو هيو.

نظريي جو وارث ڪير آهي؟

رشتن جو بنياد بڻائي نظريي ۽ سوچ تي قبضو يا مالڪي ڪندڙ ڌريون پنهنجو پاڻ کي وارث ڄاڻائي اُن خام خيالي ۾ مبتلا ٿي چڪيون آهن ته نظرين جي مالڪي يا انهن تي قبضو ڪري سگهجي ٿو، جيئن  ٻي مال ملڪيت  تي ٿيندو آهي. پر انهن کي ڪجهه به پلئه ناهي پوڻو. ڪنهن به نظريي جي حقيقي قوت ئي اها هوندي ته ان کي جڪڙي بند يا محدود نه ٿو ڪري سگهجي، اهو هڪ ذهن مان ٻئي ذهن تائين منتقل ٿيندو ۽ سفر ڪندو رهي ٿو، نئين ماحول جي رنگ ۾ رنگجي وڃي ٿو پر زنجيرون ان کي قيد نٿيون ڪري سگهن، سچو  نظريو  زبان ۽ مڪان جي قيد کان آجو هجي ٿو، انسان اهو سمجهي  ٿو ته نظريا هن جي ذهن جي پيداوار ۽ سندس ملڪيت آهن پر انسان ۾ ايتري سگهه ڪٿي آهي، ايتري طاقت ڪٿي آهي جو اسان خيال، تصور ۽ نظريي جي روحانيت ۽ رومانيت کي سمجهي سگهون، فاني وجود هڪ لافاني شئي جو وارث ڪيئن ٿو ٿي سگهي. نظريي جا حقيقي وارث اهي ئي ٿي سگهن ٿا ۽ يقينن اهي ئي آهن، جيڪي انهيءَ نظريي موجب جيئن ٿا ۽ ان جي بقا جي خاطر جان به گهوريو ڇڏين. نظريا انهن جا آهن، جن جي دلين ۾ اهي گهر ڪيو ويٺا آهن، ڪنهن به قسم جو نظريو ڏيڻ وارا خود سڀ ڪجهه آهن پر ساڳي وقت اهي ڪجهه به ناهن.

پاڪستان پيپلزپارٽيءَ جو بنياد وجهڻ لاءِ تقريب لاهور جي هڪ رهائشي علائقي گلبرگ جي هڪ گهر اندر ڇپر مٿان هڪ شامياني هيٺان رٿيل هئي، لاهور ۽ ان جي ڀرپاسي جي ضلعن ۾ قلم 144 تي سختيءَ سان عمل ڪرايو پئي ويو. اوڀر پاڪستان کان آيل وفدن کي لاهور پهچڻ ئي ڪو نه ڏنو ويو، سنڌ ۽ بلوچستان کان مرد ۽ عورتون آڻانگا پنڌ ڪري اچي پهتا. آخر ڪار 500 ماڻهو سڀ رنڊڪون اورانگهي 30 نومبر 1967 جي صبح جو لاهور پهچي ويا ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جي بنياد وجهڻ لاءِ رکيل تقريب شروع ٿي وئي، آيل مهمانن جا نالا لکڻ جو عمل مڪمل ٿيو ته ٻن شاعرن پنهنجو ڪلام پيش ڪيو، جيڪو خاص انهيءَ موقعي لاءِ سرجيو ويو هيو، ڀُٽي صاحب انهيءَ ڏينهن جوشيلي تقرير ڪئي ۽ ڦرلٽ جي ظالماڻي اقتصادي نظام کي کُلي ڳالهايو، جيڪو هن ملڪ جي غريب عوام جو رت ست چوسي رهيو آهي.  هن واعدو ڪيو ته پ پ پ جي اقتصادي پاليسي سماجي انصاف تي ٻڌل هوندي، هن چيو ته ” بنيادي قومي مسئلن جي حل ۾ڪڏهن عوام کي شامل ئي ناهي ڪيو ويو، جيڪو اصل ڌرتي ڌڻي آهي ۽ صرف عوام ئي انهن مسئلن کي حل ڪري پنهنجي ملڪ ۽ حڪومت جي قسمت جو صحيح فيصلو ڪري سگهي ٿو. ” اهي لفظ،  اهو واعدو ۽ وچن عوام جي دلين م گهر ڪري ويا ۽ ا نهيءَ ڪري اڄ به ڀٽو  ماڻهن جي دلين ۾ جيئرو آهي. ڀٽو پاڪستان جو اهو پهريون اڳواڻ هيو، جنهن عوام کي پنهنجي حالت جو ذميوار قرار نه پئي ڏنو پر انهن کان مسئلن جي حل لاءِ راءِ پئي گهُري. ان ڏينهن ڀٽُي پنهنجي تقرير انهن جملن سان  ختم ڪئي ته ” اسان رسمن ۽ رواجن جو احترام ڪيون ٿا پر  اسان غلط روايتن جي مخالفت ڪنداسين، اسان انهن روايتن جو احترام ڪنداسين، جيڪي پاڪستان جي عوام جي ڀلي خاطر آهن، نه ڪي انهن روايتن جو جيڪي پاڪستان کي اونداهيءَ ڏانهن واپس ڌڪينديون  هجن، اسان پنهنجي ملڪ کي هڪ نئين سڃاڻپ ڏينداسين، اسان پاڪستان کي انقلابي صورت  ڏينداسين.

ذوالفقار علي ڀٽو جي پ پ پ جي سڃاڻپ بڻجڻ وارو ” جذبو“  ڀرپور نموني انهن ٻن ڏينهن ۾ نظر آيو،جڏهن لاهور ۾ اُن جو  بنياد رکيو  پئي ويو. ٺهراءُ منظور ڪري ويٽنام،  فلسطين ۽ ڪشمير جي عوام جي جدوجهد  کي خراج تحسين پيش ڪيو ويو. آمريڪا کي چيو ويو ته اهو پاڪستان جي مڙني فوجي اڏن کي خالي ڪري، (ڇو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ بچاءَ جي ڪيترن ئي ٻه طرفن ٺاهن هوندي 1965ع واري جنگ ۾ آمريڪا پاڪستان جي ڪا به مدد نه ڪئي هئي 9 ۽ ان موقعي تي ٽين دنيا جي اتحاد جو نعرو به گونجيو هيو. ڀٽو اهو اعلان ڪيو ته اسان جو اتحاد ڪنهن نسل ۽ مذهب جي خلاف ناهي ان جي آبياري نفرت ۽ ڌڪار سان نه ٿيندي، ان جي پويان ڪارفرما جذبو انصاف تي ٻڌل آهي.

پارٽيءَ ۾ چونڊ جو  طريقو طئي ڪيو ويو. منشور جي منظوري ڏني ويئي، شاعري به ماڻهن جو رت گرمائيندي رهي، پهرين ڊسمبر 1967ع تي پارٽي جو نالو پاڪستان پيپلزپارٽي رکيو ويو، جڏهن ته ” سوشلسٽ پارٽي آف پاڪستان“ ۽ ” پاڪستان پروگريسيو پارٽي“ سميت ٻين نالن جون تجويزون رد ڪيون ويون ۽ ان ئي ڏينهن تي ذوالفقار علي ڀٽو کي پارٽيءَ جو پهريون چيئرمين چونڊيو ويو. پيپلزپارٽيءَ جي ڪهاڻي ڀٽو جي ذڪر کانسواءِ اڻپوري آهي. ان جو جنم هنجي هٿان ٿيو ۽ ان جو عروج به هن سان هيو، جنهن جون يادگيريون  ۽ خواب اڄ به لکين ذهنن تي سحر طاري ڪيو ڇڏين.

هن وقت ڀٽو جي نالي تي کٽيو کائيندڙ پارٽي ۽ ان وقت جي پاڪستان پيپلزپارٽي ۾ ڪا به هڪجهڙائي نظر نه ٿي اچي. 2017ع  ۾ ان پارٽيءَ  اندر ڪوبه نظريو ناهي بچيو. ان اندر انصاف نالي ڪا به شيءَ  موجود ناهي، مختصر اهو ته هن ۾ ڪا هڪ به ڳالهه اهڙي ناهي رهي، جيڪا 1967ع ۾ ڀٽو پاران قائم ڪيل پارٽي ۾ هئي.

اڄ جي پ پ پ ڀٽي جي نالي ۽ سندس شهادت کي پنهنجا ڪُڌا ڪرتوت لڪائڻ لاءِ  پردي طور استعمال ڪري رهي آهي. اهو ڪنهن به  صورت ۾ مڃي نه ٿو سگهجي ته اُهي 1967ع واري ميراث جا وارث آهن، هن جا  اڳواڻ امير طبقي جا نمائندا ۽  ڏوهاري آهن ۽ صرف ان ڪوشش ۾ لڳا پيا آهن ته واريءَ جي هن ڪوٽ کي ڊهڻ کان ڪيئن بچائجي ۽ شايد اهو ئي اڄ ڪلهه جي پاڪستاني سياست جو اصل روپ آهي، جيڪا هر اليڪشن کان پوءِ هر روز عوام تي ڪو نئون قهر، نئين ذلت ٿاڦيندي ٿي رهي.

ذوالفقار علي ڀٽو غلامي جي احساس کي ختم ڪرڻ لاءِ انگريز جي اڳوڻين غلام قومن تي ٻڌل تنظيم ” ڪامن ويلٿ“ کان ڌار ٿيڻ جو فيصلو ڪيو هو، گڏيل قومن جي اجلاس کي ٿڏيندي، ڪاغذي ڦاڙي اٿي هليو ۽ هُن آمر آڏو آڻ مڃڻ کان انڪار ڪندي ڦاهيءَ جي ڦندي کي قبوليو. هن جي جدوجهد پاڪستان جي ترقي، آزادي ۽ خوشحالي لاءِ هئي. اڄ جي پ پ پ ڪرپشن جي ڪيسن کي ختم ڪرائڻ ۾ رُڌل آهي. پوءِ ان دعويٰ کي سچو ڪيئن ٿو قرار ڏيئي سگهجي ته فوج ۽ هڪ سپر پاور سان ويجهڙائي رکندڙ اڄ جي پ پ ڀُٽي جي نظريي جي وارث آهي؟

پاڪستان پيپلزپارٽي جو سڏائيندڙن جي صدارتي دور ۾ پاڪستان اندر آمريڪا 300 کان مٿي ڊرون حملا ڪيا ۽ انهن کي ڏاڍ مڙسي سان واسطا برقرار رکڻ خاطر برداشت ڪيو ويو. هتي اهو چٽو ڪرڻ پڻ ضروري آهي ته اهي لاڳاپا ڪي برابريءَ جي بنياد تي ڪو نه هيا ۽ پاڪستان جي حيثيت  هڪ امداد جي آسري ۾ ويٺل شخص واري هئي. رڳو سال 2010ع اندر پاڪستان جي حدن اندر 128 ڊرون حملا ڪيا ويا. بيرو آف انويسٽيگيٽو جنرلزم  موجب، پاڪستان کانپوءِ آمريڪا پاران سڀني ملڪن کان وڌيڪ پاڪستان تي ڪيا ويا. سي آءِ اي جي هڪ ڀاڙيتو ايجنٽ ريمنڊ ڊيوس پاران ڏينهن جي چٽي روشنيءَ ۾ پاڪستاني شهرين جي قتل جي واردات به اُنهيءَ پ پ حڪومت ئي ٿي، انهن بدعنوانن جي ٽولي ئي مارجي ويلن جي وارثن کي ” ديت “ جي ادائيگي ڊالرن ۾ ڪرائي. ريمنڊ ڊيوس کي ملڪ مان باحفاظت ڀڄائڻ جو مڪمل انتظام ڪيو.

ذوالفقار علي ڀٽو جي پيپلزپارٽي جي نظرين ۽ سندس شاندار جدوجهد سان محبت رکندڙ پارٽيءَ  جي 50 هين سالگرهه تي اهو ڏسي سگهن ٿا ته اڄ جي پاڪستان ۾ ان پارٽيءَ جي ڪا حقيقي نمائندگي موجود  ڪونهي، جيتوڻيڪ ظاهري طور اسان کي  اها نظر نه ٿي اچي پر اڄ کان 50 سال اڳ جنم وٺندڙ پارٽي اڃا مُئي ڪونهي،ا ها اڄ به هن ڌرتيءَ تي موجود آهي. هن هَوا ۾ هن جو هڳاءُ باقي آهي، اها پنهنجي جانثارن جي صورت ۾ موجود آهي. جن ان جي خاطر لازوال قربانيون ڏيندي پنهنجو ساهه به هن مٿان گهوري ڇڏيو. اهڙي نظريي ۽ سوچ کي ڪيئن ٿو ميساري سگهجي. اهو ناممڪن آهي، اهو نظرييو هن ڌرتيءَ  تي موجود رهڻو آهي. چاهي ان تي ڪهڙا ۽ ڪيترا به ڪيس (قهر) ڇو نه ڪيا وڃن. لاهور جي ڪينال جي ڪنارن تي بيٺل وشال وڻن جي پنن جي سَر سَر ۾ انهيءَ نظريي جو پڙاڏو اڄ به ٻڌي سگهجي ٿو.

جڏهن ڀٽي جي ٺاهيل پارٽي تي ڪيل ظلمن تي نظر وجهجي  ٿي ته پنهنجن ۽ پراون جون غداريون، سڄي ملڪ  اندر وڏي پيماني تي گرفتاريون، سرعام ڪوڙا، ڊپ ڊاءُ ۽ بي وقتائتا موت ئي نظر اچن ٿا. اتي وري مان واري ” بالڊون “ جي لفظن جو سهارو وٺنديس، جنهن جي ڪتابن جي قطار اڄ به ڀٽو جي لائبريريءَ جي هڪ الماڙيءَ جي طاق تي موجود آهي، بالڊون چيو هيو ته ” طاقت جي زور تي اهي نتيجا ڪڏهن به حاصل نٿا ڪري سگهجن جيڪي طاقت استعمال ڪرڻ وارا سوچيندا هوندا آهن. طاقت جو انڌو استعمال مظلوم جي دل مان ظالم جي دهشت  کي ختم ڪري ڇڏي ٿو ۽ ان جون ڪمزوريون کُلي سامهون اچيو وڃن، جيڪي کيس وائڙو ڪري ڇڏين، جڏهن ته ظالم جي اها ڪيفيت ڏسي مظلوم کي آٿت ملي ٿي.

پارٽي ۽ ان جي نظرياتي بنياد قائم رهڻي آهي ڇو ته دنيا جو ڪو به مرد يا عورت نظريي کي ميساري نٿو سگهي. ڀلا اسان اهڙي شاندار ميراث جي حيقيقت کي ڪيئن ٿا پروڙي سگهون، ڪن ماڻهن جو چوڻ آهي ته ” صبر جن جو سير ، تير نه گُسي تن جو “ ۽ ٻيا وري ان خيال جا آهن ته سچو عقيدو لاڳيتي عمل مان جنم وٺندو آهي ۽ جڏهن ٽيان وري ان راءِ جا آهن ته منزل جدوجهد ذريعي ئي ماڻي سگهجي ٿي.

پاڪستان پيپلزپارٽي ڏتڙيل ۽ پيڙهيل  عوام جي خدمت لاءِ قائم ڪئي ويئي هئي ۽ جڏهن وري انهن جي سگهه هڪ هنڌ گڏجي تڏهن اها وري هڪ نئون جنم وٺندي…..

(آئوٽ لُڪ جو ٿورن سان)

هي به ڏسي سگهو ٿا

احتجاج واري سياست آخرڪيستائين..؟

مصطفيٰ  جمالي پاڪستان پيپلزپارٽي جي ڪو چيئرمين آصف علي زرادي  پنهنجي سموري سياسي وفد سان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے