18 جمعرات , جنوری 2018

اچو ته گولڊن جوبلي ملهايون!

خيرالنساءُ مغل

پاڪستان پيپلز پارٽي اڄ 50 سالن جي ٿي وئي آهي. چوڻ ۾ ته اهي پنج ڏهاڪا ڪنهن رفتار وانگي گذري ويا پر نيڻ ٻوٽي ويهي سارجي يا تاريخ جا ويهي ورق ورائجن ته پتو پوندو پيپلز پارٽي جو اهو سفر باهه جي درياهه مان گذري پار پوڻ جي جهڙو آهي. انهن پنجاهه سالن دوران اهو ڪهڙو ڏينهن آهي، جڏهن پاڪستان پيپلز پارٽي کي ختم ڪرڻ لاءِ سازش نه سٽي وئي هجي، ظلم ۽ جبر جا پهاڙ نه ڪيرايا ويا هجن. شهادتن، جيلن، ڦٽڪن، غداري توڙي ڪفر جي فتوائن ۽ بدترين ميڊيا ٽرائيلز باوجود هي پارٽي اڄ به عوام دشمن قوتن، آمريتن جي باقيات، سرمائيدارن، جاگيردارن، مذهبي انتهاپسندن، نسل پرستن ۽ ڪوڙن انقلابين خلاف اڄ به ميدان تي آهي. پنجاهه سالن تائين استحصالي ۽ رجعت پرست قوتن سان جهيڙيندڙ پيپلز پارٽي کي ڇا فقط هڪ پارٽي چئجي؟ يا هن ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ مصلحتن جي مرض ۽ ڪوڙ جي ڪوڙهه کان آجو ڪو تاريخدان پاڪستان پيپلز پارٽي کي هن ديس جي هارين ۽ پورهيتن سميت ورڪنگ ڪلاس جي تحريڪ قرار ڏيندو؟ پيپلز پارٽي ۽ ڀٽو خاندان سان لاڳاپيل هر معاملي تي وار تان کلون لاهيندڙ مخالف ۽ قلمي واپاري ٻڌائيندا ته شخصيت جي سحر تي بيٺل ڪا پارٽي پنجاهه سالن تائين ناانصافين ۽ ظلم جي هڪ نه پر هزار طوفانن جو مقابلو ڪري سگهي ٿي؟ لسانيت، نسل پرستي، قومپرستي، مذهب ۽ انقلاب جي نالي تي ٺاهيل بتن کي ڪيرائي ڀور ڀور ڪندڙ هي قوم نيٺ پيپلز پارٽي کي ڇو جيئدان ڏيندي رهي آهي؟

بيشڪ سورنهن آنا سچ آهي ته شهيد ڀٽو هڪ ڪرشماتي شخصيت هو، پر ان کان وڌيڪ هو جديد سماجي تبديلين توڙي انهن جي گهرجن کان آگاهه ۽ تاريخ جو ادراڪ رکندڙ سياسي مدبر هو. هن پاڪستان پيپلز پارٽي جو بنياد اهڙي وقت رکيو، جڏهن هڪ طرف مٿس آمريتي دٻاءُ هو ته هو سياست کان پري ٿي وڃي ته ٻي پاسي اها صورتحال ته سياسي ۽ ملڪي معاملن ۾ عوامي منشا ۽ مداخلت ممنوع هئي. سنڌ جي هن عظيم فرزند استحصالي ۽ رجعت پرست قوتن کي للڪاريندي نه رڳو سنڌ بلڪه ملڪ جي ٻين صوبن جي عوام تي مڙهيل سنگهرون ٽوڙي ڇڏيون. ڀٽي صاحب جي سڏ تي سڄي ملڪ جا لکين پورهيت، نوجوان، بزرگ، مرد، عورتون، فنڪار، اديب ۽ ترقي پسند دانشورن جي اڪثريت پيپلز پارٽي جي پليٽ فارم تي گڏ ٿي وئي. آمريت جي هزار رڪاوٽن باوجود ٽن سالن جي مختصر اندر پاڪستان پيپلز پارٽي ملڪ جي هڪ وڏي ۽ نج عوامي پارٽي بڻجي اڀري آئي. اوڀر پاڪستان جي ڌار ٿيڻ کانپوءِ شهيد ڀٽو کانسواءِ ٻيو ڪنهن وٽ اهڙيون صلاحيتون ۽ عوامي مقبوليت هئي جيڪو هڪ عظيم سانحو ڏسندڙ ملڪ کي سنڀالي ۽ ان کي نه رڳو پنهنجن پيرن تي بيهاري بلڪه ان کي هڪ قوت بڻائي اڳتي وٺي اچي. پوءِ تاريخ ڏٺو، موهن جي دڙي جي مٽي مان ڳوهيل ان شخص سڀ کان اڳ 90 هزار جنگي قيدين کي آزاد ڪرايو. حقيقت ۾ اهي 90 هزار فوجي نه پر پاڪستان جا 90 هزار خاندان دشمن ملڪ وٽ قيد هئا ۽ ڀٽي صاحب جي ڪوششن سبب انهن کي آزادي نصيب ٿي. پاڪستان کي آئين جو تحفو ڏنو، جنهن تي اڄ به سياست جي مک ڌارا ۾ شامل سموريون پارٽيون متفق آهن. هن ديس ۾ صدين کان رائج ظالماڻي ۽ غيرمنصفاڻي زرعي نظام کي ختم ڪري زرعي سڌارا آندا، جنهن جي نتيجي ۾ لکين بي زمين هارين کي گذرسفر جو مستقل ذريعو ۽ سندن ڪٽنبن کي روشن آئيندو مليو. هزارين بي گهر ماڻهن کي پلاٽ ڏنا ويا. آبيانو ۽ ٻيا ٽيڪس زميندار جي حصي تي لاڳو ڪري هارين کي زرعي اپت مان اڌ جو قانوني مالڪ بڻايو ويو. 12 قسمن جي صنعتي ادارن کي نيشنلائيز ڪري 22 خاندانن جي قبضي هيٺ آيل ملڪ جي سمورن وسيلن کي آجو ڪرايو ويو ۽ ملڪ ۾ اسٽيل مل جهڙا وڏا ادارا قائم ڪرڻ جو بنياد وڌو. انگريز دور جي ڪامورا شاهي جو زور ٽوڙڻ لاءِ سڌيون ڀرتيون ڪري نوجوانن کي اڳتي آندو. اسلامي ملڪن جي اتحاد ذريعي پاڪستان کي عالمي سطح تي هڪ اهم بڻائي سامهون آندو ۽ ايٽمي ريڪٽر قائم ڪري ملڪ جي بچاءُ کي ناقابل تسخير بڻائڻ جو بنياد رکيو. مختصر هي ته شهيد ڀٽي ستن سالن جي ٿورڙي عرصي اندر پاڪستان جي سماجي، سياسي ۽ معاشي حالتن کي تبديل ڪري ڇڏيو. هڪ طرف سنڌ جو هي عظيم پُٽ پاڪستان جي ترقي ۽ سڄي دنيا جي مسلمان ملڪن وچ ۾ اتحاد لاءِ جاکوڙي رهيو هو ته ٻئي طرف پاڪستان جو عوام دشمن قوتون ۽ عالمي سامراج ڀٽو صاحب خلاف هڪ ٿي چڪيون هيون. عالمي سامراج ۽ ان جي مقامي ڇاڙتن پاڪستان جي پهرين چونڊيل حڪومت کي ختم ۽ ڀُٽي صاحب کي شهيد ڪري پاڪستان ۾ عوام دوست ترقي ۽ خوشحالي جي سفر آڏو فُل اسٽاپ لڳائي ڇڏيو. پاڪستان پيپلز پارٽي کي ڪمزور ڪرڻ خاطر ملڪ ۾ نسل پرستي، لسانيت ۽ فرقيواريت جا ٻج ڇٽيا ويا ۽ اهڙي قسم جي سياست ڪندڙ پارٽين ۽ انهن جي قيادت جي پرورش ڪئي وئي.

ڀٽي صاحب جي شهادت کانپوءِ بيگم نصرت ڀٽو صاحبه ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو پنهنجو تاريخ ساز ڪردار ادا ڪري پارٽي جي سفر کي جاري رکيو. آمر ضياءُ پاران هر قسم جو ظلم ۽ سازش ڪرڻ باوجود پارٽي پنهنجي دڳ نه ڇڏيو. جنرل ضياءُ جي موت کانپوءِ ملڪ ۾ جيئن ئي چونڊون ٿيون ته پيپلز پارٽي ملڪ جي سڀ کان وڏي پارٽي بڻجي اڀري آئي ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو ملڪ جي پهرين عورت وزيراعظم بڻي. شهيد محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي ٻن مختصر حڪومتي دورن دوران آمريت جي باقيات جي سازشن ۽ رڪاوٽن باوجود شهيد ڀٽي جي غريب عوام دوست پاليسين کي جاري رکيو. شهيد محترمه بينظير ڀٽو ملڪ ۾ ٻن ڊڪٽيٽرن خلاف جدوجهد جي سرواڻي ڪئي ۽ ملڪ ۾ جمهوري سياست کي هٿي وٺرائي. سندس شهادت پاڪستان ۾ ترقي پسند، روشن خيال ۽ جمهوري قوتن تي راتاهي برابر هئي. پاڪستان پيپلز پارٽي جيڪڏهن شهيد ذوالفقار علي ڀٽي ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ڏاهپ ۽ محنتن جي پيداوار نه هجي ها ته جيڪر هن وقت تائين ائين ئي وکري چڪي هجي ها جيئن ملڪ جون ٻيون پارٽيون وکرنديون ۽ ٽٽنديون رهيون آهن. پاڪستان جي هن سڀ کان وڏي عوامي ۽ ترقي پسند پارٽي جون واڳون چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ جناب آصف علي زرداري جي هٿن ۾ آهن ۽ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رهندڙ جيالا هميشه وانگر اڄ به ڪميٽڊ ۽ پرجوش آهن. عوام جي اميدن جو مرڪز پيپلز پارٽي ئي آهي. 30 جون 1967ع ۾ قائم ٿيندڙ پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڄوڪي گولڊن جوبلي پاڪستان مان عوام دشمن استحصالي ۽ سامراجي قوتن جي خاتمي جي شروعات ثابت ٿيندي. اچو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي گولڊن جوبلي ملهايون.

(ليکڪا سنڌ اسيمبلي جي ايم پي اي )

هي به ڏسي سگهو ٿا

احتجاج واري سياست آخرڪيستائين..؟

مصطفيٰ  جمالي پاڪستان پيپلزپارٽي جي ڪو چيئرمين آصف علي زرادي  پنهنجي سموري سياسي وفد سان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے