21 ہفتہ , اپریل 2018

ڊونلڊ ٽرمپ ۽ شي جن پنگ ۾ رابطو، اتر ڪوريا جي هلندڙ ميزائل تجربي تي ڳالهيون

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ چين جي صدر شي جن پنگ ۾ ٽيليفون ذريعي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي جنهن ۾ ٻنهي اڳواڻن اتر ڪوريا طرفان ميزائل تجربي ۽ ان کان پوءِ واري پيدا ٿيل صورتحال تي غور ڪيو. ميڊيا رپورٽن موجب ڳالهه ٻولهه ۾ چين جي صدر شي جن پنگ جو چوڻ هو ته چين خطي ۾ امن ۽ مضبوطي چاهي ٿو، اسان جزيري نما ڪوريا کي ايٽمي هٿيارن کان پاڪ ڪرڻ واري عزم تي قائم آهيون. ڳالهه ٻولهه دوران آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو چوڻ هو ته اتر ڪوريا تي اڄ واڌو پابنديون لاڳو ڪيو وينديون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

فرانسيسي عدالت مڙد آفيسر سان هٿ ملائڻ نه ملائڻ تي مسلم عورت کي شهريت ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

پيرس(ويب ڊيسڪ) فرانس جي اعليٰ انتظامي عدالت مرد آفيسر سان هٿ ملائڻ کان انڪار ڪندڙ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے