24 آچر , جون 2018

هزارين بوسنيائي مسلمانن جي قاتل سزا خلاف اپيل رد ٿيڻ تي زهر پي ڇڏيو

دي هيگ (ويب ڊيسڪ) هزارين بوسنيائي مسلمانن جي قتل ۾ ملوث جوابدار سلوبوڊن پرالجاڪ سزا خلاف اپيل رد ٿيڻ تي عدالت ۾ زهر پي ڇڏيو. سلوبوڊن پرالجاڪ بوسنيا جي انهن 6 سياسي اڳواڻن ۽ فوجي آفيسرن ۾ شامل آهن، جن کي هزارين بوسنيائي مسلمانن جي قتل عام ۽ نسل ڪشي جي ڏوهه ۾ سزا ڏني وئي آهي. سلوبوڊن پرالجاڪ کي انصاف واري عالمي عدالت 2013ع ۾ 20 سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي، جنهن خلاف هن اپيل داخل ڪرائي هئي. هالينڊ جي شهر دي هيگ ۾ سزا خلاف اپيل رد ٿيڻ تي سلوبوڊن عدالت ۾ زهر پي ڇڏيو. ڪٽهڙي ۾ بيٺل جوابدار ٻڌڻي دوران جج کي مخاطب ٿيندي چيو ته مان ڏوهاري ناهيان ۽ پنهنجي سزا تي زهر پي رهيو آهيان، جنهن کانپوءِ هن زهر جي ڀريل شيشي پي ڇڏي، جنهن کانپوءِ جج فوري طور ٻڌڻي ملتوي ڪندي ايمبولينس گهرائي کيس اسپتال موڪلي ڇڏيو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

تڪراري اينڪر عامر لياقت پاران ٻي شادي ڪرڻ جو انڪشاف

 ڪراچي( ويب ڊيسڪ) پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا  جي تاريخ ۾ تڪراري رهندڙ   ٽي وي اينڪر  ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے