22 آچر , جولاءِ 2018

عمران خان صاحب سڄو ملڪ ڇو نه استعيفيٰ ڏئي، توهان جو وارو نه ايندو: احسن اقبال

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير احسن اقبال چيو آهي ته ملڪ کي ترقي کان روڪڻ جون مختلف سازشون ٿي رهيون آهن، عمران خان ڪجهه ماڻهن سان گڏجي سازش تحت 126 ڏينهن ڌرڻو هنيو، سندس مقصد اسان جي حڪومت کي ناڪام ڪرڻ آهي، عمران خان کي 2013ع ۾ عوام وزيراعظم نه چونڊيو ته ان ۾ اسان جو ڪهڙو ڏوهه، سڄو ملڪ به استعيفيٰ ڏئي پر عمران خان صاحب توهان جو وارو نه ايندو. پريس ڪانفرنس ڪندي احسن اقبال چيو ته پورٽ قاسم بجلي گهر جي افتتاح تي عوام کي واڌايون ڏيان ٿو، هاڻوڪي حڪومت ۾ 7 هزار ميگا واٽ بجلي جي پيداوار ٿي چڪي آهي، مئي 2018ع تائين اڍائي کان 3 هزار ميگا واٽ بجلي وڌيڪ شامل ٿيندي، ڪنهن به دور ۾ بجلي جو سڀ کان وڌيڪ اضافو هاڻوڪي حڪومت ۾ ٿيو آهي. هن چيو ته 2013ع ۾ پاڪستان جي معيشت پٺ تي پيل هئي، هاڻ معيشت ۾ ترقي جي رفتار 5.3 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي، ڪنهن به ملڪ جي اقتصادي ترقي لاءِ امن ۽ استحڪام پهريون ڏاڪو آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

Rangers in different cities, 7 suspects arrested, weapons hand

رينجرز جون مختلف شهرن ۾ ڪاروائيون، 7 جوابدار گرفتار، هٿيار هٿ

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) رينجرز طرفان صوبي جي مختلف شهرن ۾ ڪاروائيون ڪيون ويون جنهن جي نتيجي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے