24 منگل , اپریل 2018

ڪنن  جو ڪچرو”ڪاٽن بڊز“سان صاف ڪرڻ انتهائي خطرناڪ آهي: ماهر

لنڊن(ويب ڊيسڪ) ڪنن ۾ خارش ٿيڻ ته ”ڪاٽن بڊر“ سان ڪنن کي صاف ڪرڻ اڄ هر شخص جو معمول آهي پر ماهرن ان جو اهڙو نقصان ٻڌايو آهي ته  هاڻي ڪو به اهرو ڪم نه ڪندو. ماهرن جو چوڻ آهي ته” ڪاٽن بڊز“ڪنن جو ڪچرو  صاف ڪرڻ سان  ڪاٽن بڊز  ٻين مادن کي وڌيڪ اندر ڌڪيندو آهي . ان کان سواءِ ڪنن جي پردن ۽ نالي کي به سخت نقصان ڏيندو آهي ۽ ان جي استعمال سان ٻڌڻ ڪمزور ٿيندو آهي. جڏهن ته ڪنن جي صفائي لاءِ سرنج جي ذريعي ان ۾ پاڻي داخل ڪري ڪاٽن بڊز سان به انتهائي خطرناڪ ثابت هوندو آهي، ان ٻنهي طريقن سان ڪنن جي صفائي دوران ڪن ۾ زخم ٿيڻ ۽ انفيڪشن ٿيڻ جو خطرو به وڌيڪ ٿيندو آهي.ماهرن جو چوڻ آهي ته ڪن جي صفائي جي ضرورت ناهي هوندي ڇو ته قدرت ڪنن جي صفائي جو هڪ خودڪار نظام ٺاهي رکيو آهي. ڪنن جو ڪچرو پاڻ ئي ڪن کان ٻاهر اچي ويندو آهي ته ان کي ڪڍڻ لاءِ ڪنهن به انسان کي ڪابه ڪوشس ڪرڻ جي ضرورت ناهي هوندي، ته جئين صفائي جي ضرورت هجي ته ڪن ۾ پاڻي داخل ڪرڻ واري اليڪٽرانڪ مشين استعمال ڪرڻ گهرجي جيڪو  انتهائي محفوظ طريقو سان هي ڪم ڪندي آهي  ۽ هن جو پريشر وڌيڪ ناهي هوندو، هن طريقي سان به صفائي ڊاڪٽر کان ڪرائڻ گهرجي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ٿوم سان گنج کي ڪئين ختم ڪيو وڃي؟

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ٿوم هر کاڌي ۾ استعمال ٿيندڙ هڪ جزو آهي جيڪو ذائقو وڌائڻ لاءِ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے