19 اربع , سيپٽمبر 2018

چيني ڪمپني ”آنر“ جو ڊئول ڪيمرا بهترين فون متعارف

بيجنگ(ويب ڊيسڪ)  دنيا جي مشهور سمارٽ موبائل ٺاهڻ واري ڪمپني”آنر“ هواوي پاران  متعارت ڪرايل ”ميٽ 10 “جي ٽڪر ۾ نئو موبائل متعارف ڪرايو آهي. جڏهن ته ”آنر“ 5.99 انچ اسڪرين جي حامي ”وي 10 کي متعارف ڪرايو آهي جنهن کي هواوي ”ميٽ 10“ کان به وڌيڪ بهتر چيو پيو وڃي. ”آنر“10 ۾ 16 ۽ 20 ميگا پڪسل جي ڊوئل ريئر ڪيمرا ڏني وئي آهي جڏهن ته ان ۾ 13 ميگا پڪسل سيلفي ڪيمرا به ڏني وئي آهي.”آنر وي 10 “ ۾ 4 جي بي ۽ 6 جي بي ريم سان آهي.“آنر وي 10 “ جي ايڇ ڊي اسڪرين جو ريزوليشن 1080 بائي 2160 آهي. جڏهن ته ان فون کي 3 طرح جي جي بي ريم ۾ متعارف ڪرايو ويو آهي. جڏهن ته ان ۾ 3700 ايم ايڇ بيٽري ڏني وئي آهي. ڪمپني جو چوڻ آهي ته ”آنر وي 10“ ۾ جديد ٽيڪنالوجي جو استعمال ڪيو ويو آهي جنهن جي سبب زيلي ڪمپني جي هواوي ميٽ 10 کان بهتر آهي.  ڪمپني فوري طور تي هن کي چين ۾ ئي متعارف ڪرايو آهي جئين ته ايندڙ 5 ڊسمبر ۾ آمريڪا ۾ به متعارف ڪرايو ويندو. امريڪا ۾ متعارف ڪرائڻ کان پوءِ هن کي ايندڙ 5 سالن دنيا جي ٻين جي ملڪن ۾ متعارف  ڪرائڻ جو امڪان آهي. هن فون ”انر  وي 10“ جي قيمت 409 آمريڪي ڊالر40 هزار پاڪستاني رپيا کان وڌيڪ  رکي وئي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ليڪس ڪمپني پاران ڊيجيٽل سائيڊ مرر واري پهرين ڪار متعارف ڪرائڻ جو اعلان

جاپان ( ويب ڊيسڪ ) جيتوڻيڪ ڪارن جي پاسن ۾ لڳل منهن ڏيکاريندڙ آئينن( بيڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے