23 آچر , سيپٽمبر 2018

مخالف ڌرڻي تي سياسي پارٽين جي ماٺ

اسلام آباد ۾ تعاون سان ٿيل ڌرڻو هڪ ڊگهي تعاون جي خواهش ۽ اميد سان پورو ٿيو آهي. اهو ڌرڻو جيڪو بعد ۾ سياسي زلزلو ثابت ٿيو آهي تنهن سياست جا در دريون پنهنجي بنيادن کان پري ڪري ڇڏيا آهن. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ٻولي ۽ وفاقي سرڪار جي مونجهه ۽ ان ۾ وفاقي وزير پاران مبينه ڏوهارين سان ٺاهه ڪرڻ جهڙا واقعا ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۽ مهينن توڙي ورهين تائين پنهنجا آفٽرشاڪس پيش ڪندا رهندا. اها سٺي ڳالهه نه ٿي آهي. ان خراب ڳالهه ٿيڻ کان پوءِ وري ان کي مختلف معنائون ڏنيون ويون آهن. جيڪي پڻ حڪمران ڌر لاءِ حيرت انگيز آهن.

وفاقي گهرو وزير احسن اقبال چيو آهي ته فيض آباد جو ڌرڻو ختم ڪرائڻ لاءِ ڪيل معاهدو اسان جي خواهش نه مجبوري هئي، ائين نه ڪيون ها ته حالتون وڌيڪ خراب ٿيڻ جو خدشو هو. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي پنهنجي پيغام ۾ وفاقي گهرو وزير احسن اقبال جو چوڻ هو ته ڌرڻو ختم ڪرڻ لاءِ معاهدو اسان جي خواهش نه پر مجبوري هئي، اُن وقت معاهدي کان سواءِ ڪو به آپشن نه هو جيڪڏهن ڌرڻي واري صورتحال وڌيڪ 24 ڪلاڪ رهي ها ته حالتون وڌيڪ خراب ٿيڻ جو خدشو هو.

ڪالهه اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ پنجاب هائوس ۾ پارٽي اڳواڻن جو اجلاس شروع ٿي ويو، اجلاس ۾ سياسي صورتحال ۽ حڪومتي ڪارڪردگي تي ڳالهيون ڪيون ويون ان کان سواءِ زاهد حامد جي استعيفيٰ ۽ ڌرڻي کان پوءِ جي صورتحال جو به جائزو ورتو ويو، وفاقي گهرو وزير احسن اقبال ڌرڻي ۽ ڳالهين واري عمل تي بريفنگ ڏني، اجلاس ۾ شريف فيملي خلاف ٻڌڻي هيٺ ڪيسن تي به ڳالهيون ٿيون. نواز شريف جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ مسلم ليگ ن جي عوامي رابطا مهم تي ڳالهيون ۽ نين تڪ بندين بابت آئيني ترميم تي به ڳالهيون ٿيون. مسلم ليگ ن جي ڳالهين واري اجلاس ۾ ميان نواز شريف فيض آباد ڌرڻي واري آپريشن جي ناڪامي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. مسلم ليگ ن جي صدر نواز شريف جي صدارت هيٺ پارٽي اڳواڻن جي غير رسمي ڳالهين واري  اجلاس ۾ سينيٽر راجا ظفر الحق، خواجا آصف، احسن اقبال، مريم اورنگزيب، طلال چوڌري، دانيال عزيز، پرويز رشيد ۽ مريم نواز سميت ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي. جنهن ۾ قانون واري وزير زاهد حامد جي استعيفيٰ کان پوءِ جي صورتحال تي غور ڪيو ويو. ذريعن ٻڌايو ته اجلاس ۾ شريف فيملي خلاف ٻڌڻي هيٺ ڪيسن تي به ڳالهيون ٿين. ان دوران نواز شريف جي لنڊن روانگي سميت عوامي رابطا مهم جي باري ۾ ڳالهيون ٿين جڏهن ته سينيٽ ۾ تڪ بندين جي آئيني ترميم منظور نه ٿيڻ جو جائزو ورتو ويو. نواز شريف احسن اقبال ۽ طلال چوڌري سان اڪيلائي ۾ به ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻنهي وزيرن اڳوڻي وزير اعظم کي ڌرڻي جي باري ۾ بريفنگ ڏني.

قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه  چيو آهي ته ملڪ ۾ دين جي نالي تي سياست ڪئي وڃي ٿي، جيڪا خطرناڪ آهي، ڌرڻي جي ڪري ماڻهو ڏاڍو پريشان هئا، ڊگهي عرصي تائين پرڏيهي وزير مقرر نه ٿيڻ سبب پاڪستان اڄ اڪيلو بيٺل آهي، عدالت کي پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ گهرجي ته جانيون ڪيئن ضايع ٿيون، پنهنجي رهائشگاهه تي پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته جيڪڏهن ملڪ اندر دين جي نالي تي سياست ڪئي ويندي ته ان جا خطرناڪ نتيجا نڪرندا، وفاقي حڪومت ڌرڻي جي اشو تي پارليامينٽ کي اعتماد ۾ ناهي ورتو، هن ٻڌايو ته وفاقي گهرو وزير احسن اقبال مونکي ڪالهه ڌرڻي جي حوالي سان آپريشن جي وضاحت ڏني، هن وڌيڪ چيو ته پيپلزپارٽي ڪنهن به قومي حڪومت جي حمايت نٿي ڪري، مخالف ڌر جي اڳواڻ چيو ته خطي جون حالتون تبديل ٿي رهيون آهن ان تي اسان کي وڌيڪ ڌيان ڏيڻو پوندو، پاڪستان هن وقت اڪيلو بيٺل نظر اچي ٿو، ملڪ جي صورتحال خطرناڪ حد تائين خطري جي ور چڙهي چڪي آهي، هن  وڌيڪ چيو ته نوازشريف اهو سمجهي رهيو هو ته جيڪڏهن ماڻهن تي لاٺي چارج ۽ گولي هلائي وئي ته اهي سندس ڳلي پئجي ويندا، حڪومت سمجهي پئي ته ميڊيا کي ٻه ڏينهن بند ڪرڻ سان مسئلو حل ٿي ويندو، هن  چيو ته حڪومت ڌرڻي واري مسئلي کي حل ڪرڻ ۾ تمام گهڻي دير ڪري ڇڏي، هن وڌيڪ چيو ته جج جا سوال ڪيترن ئي سوالن کي جنم ڏئي رهيا آهن، جيڪي ريمارڪس ڏنا ويا آهن ان تي سوموٽو ورتو وڃي. سيد خورشيد احمدشاهه وڌيڪ چيو ته جڏهن به اليڪشن جو وقت ايندو آهي ته گرينڊ الائنس ٺهي ويندا آهن، هن چيو ته گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس جو جلسو سياسي پاور شو نه هو پر ماڻهو مرشد جو ديدار ڪرڻ آيا هئا، هن چيو ته هن وقت ملڪ ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي ان جو ڪوبه والي وارث نظر نٿو اچي،  هن چيو ته پيپلزپارٽي ڪنهن به قومي حڪومت جي حمايت نه ڪندي، اسين چاهيون ٿا ته حڪومت پنهنجو وقت پورو ڪري. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته چوڌري نثار وارو معاملو انهن جو اندروني معاملو آهي، اهي چوڌري نثار کي نٿا ڪڍڻ چاهين، يا هو پاڻ نٿو نڪري، ان بابت مونکي خبر ناهي

اربع  29  نومبر 2017ع، 10  ربيع الاول 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

پي ٽي آءِ حڪومت جي پهرين بجيٽ ۽ ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي جو بار

تحريڪ انصاف جي حڪومت کي هاڻي ڪي ٽي مهينا پورا ٿيڻ وارا آهن، انهن ٽن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے