23 آچر , سيپٽمبر 2018

23 ڏينهن ڌرڻي سبب عوام کي پهتل نقصان جو ازالو ڪير ڪندو؟

امير ڀنڀرو

اسلام آباد مان اٿيل احتجاجن جي دونهين پوري ملڪ کي مفلوج بڻائڻ کانپوءِ مختصر معاهدي کان پوءِ پڄاڻيءَ تي پهتو آهي، ملڪ جي گاديءَ واري شهر ۾  اهڙي صورتحال 23 ڏينهن کان هئي، پورو شهر 23 ڏينهن کان يرغمال بڻيل رهيو، جتي تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن جو 23 ڏينهن کان  احتجاج هلندڙ هو،  انهن جو مطالبو ڪهڙو هو، اها انهن کي به خبر نه آهي پر  تعجب جي ڳالهه اها آهي  ته جنهن نقطي کي بنياد بڻائي هو ڌرڻو هڻي ويٺل آهن، اهو مسئلو آئيني ترميمي ايڪٽ 2017ع ۾ ڪيل ترميم واپس وٺي حل به ڪيو ويو آهي پر ان جي باوجود به ڌرڻو 23 ڏينهن جاري رهيو ، جڏهن ته ٽي  ڏينهن کان ڌرڻي جو دائرو وڌايو ويو هو، جنهن سبب پوري ملڪ جي عوام جو ڪهڙو حال ٿيو،  اهو اسلام آباد جو ئي عوام ٻڌائي سگهي ٿو،  جيڪي جمهوريت جي دور ۾ به جنگي حالاتن جهڙي زندگي گذارڻ تي مجبور هئا،  جڏهن ته ٻه ڏيهن اڳ مظاهرين مٿان قانون لاڳو ڪرڻ واري ادارن جي ڪاروائيءَ کانپوءِ صورتحال اڃا سنگين ٿي وئي هئي پر اوچتو ڳالهين ۾ اڳڀرائي پوري ملڪ جي عوام کي حيران پئي ڪري.

23 ڏينهن هليل انهي احتجاج دوران ڪارروائي دوران چڪرين جي نتيجي ۾ هڪ پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويو هو ، جڏهن ته اهلڪارن سميت 201 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا ۽ 300 کان وڌيڪ ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو هو، جن کي هاڻي آزاد ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي،  مظاهرين پاران اڳوڻي وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار ، قانون واري وفاقي وزير زاهد حامد جي گهرن مٿان حملا به ڪيا ويا، جڏهن ته انهن حملن ۾ گهرو وفاقي وزير اعتراف ڪيو آهي ته انهي گھرو حملي ۾ چوڌري نثار جي گهر آڏو 6 ماڻهو پڻ مارجي ويا هئا پر شايد ادارا انهي وقت ستل هئا، جنهن کانپوءِ گهرو وزير کي پتو پيو هو، اهڙي صورتحال ۾   قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪارروائي حالتن ۾ نرميءَ بجاءِ گرمي پيدا ڪري ڇڏي هئي، پر ٽيون ڏينهن وري ڳالهين واري  حڪومتي حڪمت عمليءَ جي پت وائکي ڪري ڇڏي ته هنن وٽ رياست هلائڻ جو ڪو به سنجيده طريقو نه آهي،  احتجاج دوران عوام جو حال ڪهڙو هو، اهو عوام ئي سمجهي پيو پر حڪمرانن وري احتجاج کي ختم ڪرائڻ بدران  پوري ملڪ ۾ نيوز چيئنلز، فيس بوڪ  ۽ ٽيوٽر بند  ڪرائي  آمريت جي ياد تازه ڪري ڇڏي ۽ پرويز مشرف جي پاليسين کي اڳتي ڪيو ويو  ته جتي حڪمرانن جي ناڪارا  حڪمت عمليءَ جي ڪا به حڪمت نه هلي، اتي بس  فيس بوڪ، نيوز چيئنلز ۽ ٽيوٽر بند ڪري عوام کان جمهوري حق کسيو وڃي،  اسان جي ملڪ جي حڪمرانن  جي حڪمت عملي اسان جا حڪمران جن کي احتجاجن وارن کي ڏسندي ڏسندي 21 ڏينهن گذري ويا ۽ اهو احتجاج ڇا جو آهي، ڇو ڪيو ويو آهي، انهن احتجاجن  کي اهڙو ڊگهو رستو ڪنهن ڏنو آهي، جيڪي ملڪ جي گاديءَ واري شهر ۾ 21 ڏينهن کان پوري ملڪ جي عوام سان امن سان ملڪ جي سالميت سان کيڏندا رهيا، هنن سڄي اسلام آباد جا رستا بند ڪري عوام جو جيئڻ جا سڀ رستا بند ڪيا، هنن پوري اسلام آباد جي ماڻهن جي کائڻ پيئڻ تي احتجاجي مهر هڻي مذهبي انتها پسنديءَ جي هوا کي هوا ڏني، اهڙي صورتحال ۾ اسان جي حڪومت جي حڪمت عملي ڪٿي هئي، جن انهن کان اهو به نه ڀڇو ته اوهان پوري اسلام آباد جي امن سان ڪروڙين عوام جي جذبن سان ڪيئن ٿا کيڏو، هي ڪهڙو احتجاج آهي، هي ڪهڙو مذهب آهي، جيڪو اوهان کي اهڙو رستو ڏيکاري ٿو، جنهن رستي ۾ عوام جي جيئڻ، اٿڻ ۽ ويهڻ جا سڀ رستا بند ڪيا وڃن،  اسان جي ملڪ ۾ سالن کان وڌندڙ مذهبي انتها پسندي جيڪا هاڻي وڌي وڻ ٿي آهي، جيڪا طالبنائيزيشن جو سهارو وٺي اسان جي ملڪ جي صوفي روايتن امن، جمهوريت ۽ عوامي جذبن سان کيڏي رهيا آهن، اهڙي قسم جي سرگرمين کي روڪڻ حمڪرانن کي بهترين حڪمت عملي جوڙي اهڙي مذهبي شدت پسند روايتن جو هميشا لاءِ خاتمو ڪرڻو هو پر اسان جي ملڪ جي حڪمرانن خاص ڪري نواز ليگ حڪومتن جي اها روايت رهي آهي ته هو جمهوريت جو حصو هوندي به آمريت جهڙي ڪاروائين جا حامي هوندا آهن، هنن جي ذهن مٿان هميشا ڊڪٽيٽرشپ سوار رهندي رهي آهي، مان سمجهان ٿو ته جيڪڏهن 23 ڏينهن کان اسلام آباد کانپوءِ پوري ملڪ جي مذهبي انتها پسند ڌرين سان ڪنهن حڪمت عملي تحت هنن کي منهن ڏنو وڃي ها ته جمهوريت جو حسن اڃا به نکري پوي ها پر حڪمرانن  مظاهرين مٿان ظالماڻيون ڪاروايون ڪري آمريت جي ياد تازي ڪئي آهي،

اسلام آباد ۾ ڌرڻن جي تاريخ پراڻي آهي پر ان سان گڏوگڏ نواز ليگ جي حڪمت عملين جي تاريخ به هميشا بدبوءِ دار رهي آهي، هو ڪنهن به احتجاج کي حڪمت عملي ۽ ڳالهين کان پاسيرا ٿي هو وڏيرڪي ذهن پويان ڪاروايون ڪرڻ جا حامي رهيا آهن، جنهن پٺيان ماڊل ٽائون ۽ ٻه ڏينهن اڳ جهڙا واقعا سامهون ايندا رهيا آهن توڙي جو نواز ليگ اهڙين ڪارواين سبب پنهجي پوري عوامي مقبوليت ۽ حڪومت وڃائي چڪي آهي پر پوءِ به نواز ليگ هميشا پنهنجي سياسي بقا جو رستو  اهڙين ئي بي رحم ڪاررواين کي سمجهندي.

اسلام آباد کان اٿندڙ احتجاجن جي اهڙي ڪاري دونهين پٺيان سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته انهيءَ سڄي صورتحال ۾ عوام جو خيال ڪنهن به نه رکيو، عوام لاءِ ڪنهن به نه سوچي، اهڙي صورتحال جو سڄو اثر صرف ۽ صرف عوامي زندگيءَ تي پئجي رهيو آهي پر انهي عوامي مفلوج ٿيل ونهوار ۾ عوام جي ڳڻتي ۽ پريشاني ڪنهن کي هئي ، اهو عوام جي آڏو آهي،  پنجاب جي وزير اعليٰ شهباز شريف نواز ليگ جي اڳواڻ چوڌري نثار جي گهر مٿان حملي کانپوءِ ترت فون ڪري انهيءَ  کان ته خيريت معلوم ڪئي ڇا شهباز شريف کي عوام جي به ايتري ئي ڳڻتي هئي جو هو 23 ڏينهن جي احتجاجي افرا تفري کان پوءِ به گهر کان ٻاهر نه نڪتو،  جڏهن ته اسان کي 23  ڏينهن جي احتجاجي دور ۾ هڪ به مذهبي اڳواڻ اهڙو نظر نه آيو، جنهن اهڙي احتجاج ۽ عوامي تڪليفن کي ڏسندي پنهنجي مطالبن کي نرميءَ جي نگاهه سان ڏسي ڪجهه عوام جو خيال رکي، احتجاج تان هٿ کڻي انهي وچ ۾ هنن ڪا به نرمي نه ڏيکاري، نرمي تڏهن ڏيکاري وئي جڏهن هنن سان معاهدو ڪيو ويو جنهن معاهدي ۾ عوام لاءِ ڪجهه به نه آهي، جنهن عوام کي 23 ڏينهن روڊ رستن تي رلايو ويو.

ياد رهي ته  هي قائد اعظم محمد علي جناح جو پاڪستان آهي، هن ملڪ ۾ اهڙي ڪابه سرگرمي يا انتهاپسنديءَ کي هٿي وٺرائڻ ملڪي سالميت خلاف کيڏڻ ۽ حڪمت تصور ڪئي ويندي، رياست ۽ مذهب الڳ الڳ هجڻ گهرجن، جيڪڏهن انهن جو ڳانڍاپو رهندو ته ملڪ ۾ انتها پسنديءَ کي هٿي ملندي ۽ مذهبي بنيادن تي ڪا به قوم نه ٿيندي آهي، جيڪڏهن ائين ٿيندو ته مظلوم قومن جا حق مذهب جي نالي تي هڙپ ٿيندا رهندا، اسلام مذهب ضرور آهي پر ڪا قوم نه آهي.

ان ڳالهه کان انڪار ناهي ته پاڪستان جي آئين ۾ احتجاج ڪرڻ جي گنجائش ناهي يا جمهوري حڪومتن ۾ احتجاج يا مطالبا ڪرڻ جائز ناهن پر دنيا ۾ جتي به ۽ جنهن به باشعور خطي ۾ احتجاج ٿيندا آهن ته اتي ان ڳالهه جي پڪ به ڪرائي ويندي آهي ته سندن احتجاج يا ڌرڻي سان عام شهرين جي زندگي متاثر نه ٿيندي پر جنهن ملڪ ۾ احتجاج ڪندڙ جي حڪمت عملي ئي عوام کي پريشان ڪرڻ هجي، عوام کي متاثر ڪرڻ هجي، عوامي زندگي مفلوج ڪرڻ هجي ۽ عوام جي آزاديءَ جا سڀ رستا بند ڪرڻ هجي، اتي  اهڙي احتجاج کي ڪهڙو نالو ڏجي، جنهن احتجاج جي وک وک تي عوام متاثر ٿيو هجي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گھڻ براعظمي ايشيائي دنيا خلاف يورپي-آمريڪي براعظمي سرمائيداري جارحيت

پريم مٿراڻي ٻي مهاڀاري لڙائي کانپوءِ، خاص طرح ايشيا ڇو عالمي سماجي سياسي ۽ معاشي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے