19 اربع , سيپٽمبر 2018

اقتداري ٽرائيڪا آمهون سامهون..!

ادل سولنگي

گذريل 23 ڏينهن کان گادي واري شهر ۾ ڌرڻو هڻي ملڪ جي ادارن ۽ عام ماڻهن کي يرغمال بڻائيندڙ ڌرين ڪالهه سگهارين ڌرين جي وچ ۾ پوڻ کانپوءِ هڪ ٺاهه ذريعي ڌرڻو  ختم ڪري ڇڏيو. مسلسل ٽيوهن ڏينهن کان يرغمال بڻايل شهرين سک جو ساهه کنيو. جڏهن ملڪ جي اقتداري ٽرائيڪا، هڪ ٻئي جي سامهون ايندي هڪ ڌر پاڻ کي ئي سپر طاقت مڃرائڻ جي ڏس ۾ عام آڏو نڪري نروا ٿي آهي، لبيڪ يا رسول الله جا نعر اهڻندڙ مولوي سڳورن اقتدار ڌڻين جي جاڙن شهرن تي ڪنٽينر رکائي، لٺيون بردار جٿا گهرائي، جنهن نموني جو احتجاج ڪيو. ان کي احتجاج جي ذمري ۾ نٿو آڻي سگهجي. ڇاڪاڻ جو ملڪ جي اهم شهرن کي لٺ بردار ويڙهاڪن جي رحم ڪرم تي ڇڏڻ ۽ ٻنهي شهرن جي شهرين جي زندگي مسلسل 23 ڏينهن ڊانوانڊول ڪرڻ واري عمل پٺيان ڪنهن جا ۽ ڪهڙا مقصد هئا. انهن کي پڌرو ڪرڻ ۾ پارليامينٽ، عدليا ۽ سرڪار، ميڊيا وسيلي ملڪ جي عوام آڏو پنهنجو هيڻايون ۽ سگهارن ادارن جون ڏاڍايون ڏيکاريون ۽ ٻڌايون آهن.

ملڪ جي عوام خاص ڪري اسلام آباد، راولپنڊي ۽ ڪراچي سميت سڄي ملڪ ۾ هڪ افرا تفري واري صورتحال پيدا ڪري ڌرڻو هنيو ويو. هونئن  ته هن کان اڳ به ڄاڻايل شهرن ۾ ڌرڻا هنيا ويندا رهيا آهن ۽ انهن ڌرڻن ۾ ” امپائر “ جي آڱر کڄڻ جو  به بار بار اعلان ورجايو ويندو  رهيو آهي.  پر هن ڌرڻي ۾ ” امپائر“ آڱر ته کنئي پر گهڻو دير سان، جڏهن ملڪ جون حالتون انتهائي ڳڻتي واري صورتحال ڏانهن وڃي رهيون هيون. ڄاڻايل ڌرڻي ختم ڪرڻ لاءِ  اسلام آباد هاءِ ڪورٽ حڪم جاري ڪيو هئو ته ڌرڻي کي ختم ڪرائي، شهرين کي رليف ڏنو وڃي.  عدالت جي حڪم جاري ڪرڻ کانپوءِ سرڪار تحرڪ ۾ آئي پر سندس وس کان ڳالهه چڙهي وئي، ڇاڪاڻ جو چيو پيو وڃي ته ڌرڻو ڪو اوچتو عمل ۾ نه هيو، اهو پنهنجي رٿا بندي ۽ سگهارين ڌرين جي مرضي ۽ آشيرواد سان لڳايو ويو هئو. جڏهن سرڪار ڌرڻي ختم ڪرڻ لاءِ آپريشن شروع ڪيو ته سرڪار کي نه رڳو فون ذريعي روڪيو ويو پر کين اهو به چيو ويو ته ” اهي اسان جا ماڻهو آهن“ ، اهڙي طرح سرڪار کي پنهنجا پير پوئيتي ڪرڻا پيا ڇاڪاڻ جو کين ” ٿورو لکيو گهڻو سمجهندا“ وارو نياپو موڪليو ويو هو ، جنهن جي ڪري سرڪار، آپريشن تان هٿ کڻي پنهنجي اختياراتي هٿيارن کي سگهارين ڌرين آڏو ڦٽي ڪيو ۽ ڌرڻي هڻندڙن جي مطالبي  تي قانون واري وزير کان ” ملڪي ۽ قومي مفادن ۾ “ رضاڪاراڻي طور فوري استعيفيٰ ڏياري وئي. ڇاڪاڻ جو ڌرڻو هڻندڙ ڌر سان سگهارين ڌرين جا ” پنهنجا“ ماڻهو شامل هئا. تاريخ سوال ورجائي ٿي ته ڇا، اوڀر پاڪستان ۾ چونڊون کٽي ايندڙ بنگالي جن کي ملڪ جي حڪمراڻيءَ جو آئيني حق ڏيڻ کان انڪار ڪندي ”  سندن خلاف آپريش“ جو حڪم ڏنو ويو ۽ هڪ اندازي موجب 20 لک بنگالين سرپرستي هزارين عورتن جي لڄالٽ ڪئي وئي ۽ چيو ويو ته ” اسان کي بنگالي نه پر بنگال جي ڌرتي گهرجي“ .

ڇا بلوچستان مٿان ڪيئي ڀيرا ؟آپريشن “ جا حڪم  ڏئي کين ” اجتماعي قبرن ۾ دفن ڪرڻ جا دڙڪا ڏئي“ کين پنهنجي پيرن ۾ ويهارڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي، ڇا اهي” اسان جا پنهنجا ماڻهو نه آهن؟ ڇا هن ملڪ جي قائم ڪرڻ ۾ پهرين وک کڻندڙ سنڌ جا ماڻهو  ” اسان جا پنهنجا نه آهن“ ، هن ملڪ جي سگهارن ادارن کي صرف وڏي صوبي سان تعلق رکندڙ ۽ مذهبي ڌريون ئي ملڪ جون خير خواهه ڏسڻ ۾ اچن ٿيون.

* قرارداد مقاصد کان وٺي ون يونٽ تائين، 73 جي آئين کان ويندي اڙهين ترميم تائين، هن ملڪ کي جوڙيندر تاريخي ۽ فطري وحدتون سگهارن ادارن جي ڏاڍ ۽ جبر هيٺ رهنديون  رهيون آهن.

سنڌ جي ٽن وزيراعظمن کي شهيد ڪندڙ قاتلن کي اڄ تائين گرفتار ڪري کين ڪا به سزا ناهي ڏني وئي.  * سنڌ ۽ بلوچستان جي ٻن وزيراعظمن، محمد خان جوڻيجي ۽ ظفر الله جمالي کي گهر ڀيڙو ڪرڻ ۾ پڻ سگهارن ادارن جو ڪردار رهيو آهي. * پي اين اي، آءِ جي آءِ، ايم ايم اي کان ويندي اسلام آباد جي ڌرڻي تائين سندن پيرا نظرن اچن ٿا، پارليامينٽ کي هيٺاهون ڏيکارڻ لاءِ  فوجي عدالتن ۽ پي پي او جهڙن قانونن جي منظوري وٺڻ به سگهارين ڌرين جي ڏاڍائي ڏيکاري ٿي. ملڪ ۾مسلسل مارشلائون ۽ ايمرجنسي لاڳو  ڪري مسلسل فطري انساني حق ۽ آئيني توڙي شهري حق کسيا ويندا رهيا آهن. جنهن مان سگهارين ڌرين جي سگهه جو اندازو ٿي وڃي ٿو ۽ جيڪڏهن ڪنهن کي اڃا به شڪ آهي ته انهن کي اعليٰ  عدليا خلاف ٿيندڙ ڪاررواين ۽ اعليٰ عدليا جي سگهارين  ڌرين تي ڪيل مهربانين جي تاريخ به هن ملڪ جي انتهائي ڏکين حالتن جي هڪ طويل ڪهاڻي ٻڌائي رهي آهي.

سوال پيدا ٿو ٿئي ته اقتداري ٽرائيڪا، ملڪ جي عوام جي حقن جي حاصلا، ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ گڏيل طور تي حڪمت عملين کان گهڻو وٿيرڪيون نظر اچي رهيو آهي، جنهن مان محسوس ٿئي ٿو ته ملڪي اقتدار جي ٽرائيڪا ۾ پهرين پوزيشن  سگهارين ڌرين کي حاصل آهي. ٻي پوزيشن عدليا جي آهي، جڏهن ته ٽين ۽ آخري پوزيشن پارليامينٽ/سرڪار جي بڻجي وئي آهي. اهڙي صورحال ۾ عدليا پنهنجي لاءِ سوڙهو محسوس ڪندي پنهنجي آئيني حق حاڪميت حاصل ڪرڻ لاءِ وڏي واڪي چيو آهي ته ” ايجنسين ٽيون ڀيرو اسلام آباد شهر کي بلاڪ ڪيو آهي“ لڳي ٿو اهو سڀ ڪجهه آرمي چيف ڪرايو آهي“ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس مجبور ٿي چيو آهي ته ” عدالت ڌرڻو ختم ڪرڻ جو“ حڪم جاري ڪيو هو، ”ڪنهن معاهدي ڪرڻ جون“ وفاقي گهرو وزير جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ امڪاني گهرو ويڙهه واري صورتحال کي منهن ڏيڻ ڌرڻي وارن  سان ٺاهه ڪرڻ انٽر هئو، جنهن لاءِ سرڪار مجبور هئي.

اهڙي ڇڪتاڻ واري صورتحال ۾ عدليا اڳتي وڌي رهي آهي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس شوڪت عزيز صديقي جو اهو چوڻ ته اسلام آباد ڌرڻي ڪيس جي ٻڌڻي کان پوءِ ”منهنجي زندگي ءَ کي خطرو آهي“، مان ماريو ويندس يا گم ڪيل ماڻهن ۾ نالو ڏنو ويندو“ ملڪ جي 70 سالن جي سياسي صورتحال ۾ سگهاريون ڌريون سگهاريون ئي رهيون آهن. ماتحت ۽ ونگارون وهندڙ اقتداري ڌريون انتهائي ڏکي پوزيشن تي اچي، هاڻي هٿ مهٽي ٿڌا ساهه کڻي پنهنجي ساهه ٻوساٽجڻ جي واويلا ڪري رهيون آهن.

ٿيڻ  ته ايئن گهرجي ته ملڪ جون طاقتور ڌريون هڪ طاقت ٿي ملڪ جي خوشحالي، ترقي ۽ امن امان لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪن، پاڙيسري ملڪن سان دوستاڻا لاڳاپا قائم ڪري دنيا جي اڀرندڙ چئلنجن جو مقابلو ڪري قومي ۽ آئيني ڪردار ادا ڪن، جنهن سان ئي هن ملڪ جي عوامي، ادارن جي نيڪ نامي واري سوال سلهاڙيل آهي. جيڪڏهن اڄ به حالتن کي پنهنجي ضابطي ۾ رکي ميٺ محبت ۽ قبوليت سان ملڪ جي آئيني ادارن جي سربراهن ۽ سڀني ماڻهن لاءِ اهو چوڻ جو وقت آهي ته  ” هي سڀ اسان جا ماڻهو آهن، تڏهن ئي هن ملڪ جي عوام کي مٿن ڪو اعتماد ٿيندو ۽ پوءِ انهن ادارن جو احترام ڪرڻ لازمي ٿي پوندو. اهو سوچڻ اقتداري ٽرائيڪا لاءِ ضروري آهي ته ملڪ جو آئين ئي مقدس آهي، جيڪو آئين چئي ٿو، اهو ئي اُتم اعليٰ ۽ سگهارو عمل آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

قرآن جي سائنس پاڻي کي اسٽور ڪرڻ کان روڪي ٿي

عزيزالله  ٻوهيو هن ڳالهه جو ثبوت قرآن منجهان ملي ٿو ته پاڻيءَ کي ڊيم ٺاهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے