16 اڱارو , جنوري 2018

حبيب جالب جي ڌيءَ طاهرا جي سنڌ اچڻ تي آجيان

 زرار پيرزادو

  • ليجند حبيب جالب پنهنجي عوامي، مزاحمتي ۽ انقلابي شاعري توڙي استحصال کان پاڪ آدرشي ۽ انقلابي نظام قائم ڪرڻ لاءِ جيڪا مثالي ۽ يادگار جدوجهد آهي. تنهن جي هڪ تاريخ ٺهي چُڪي آهي.
  • مُلڪ جي ادبي ۽ سياسي تاريخ ۾ حبيب جالب ته پنهنجي حصي جو ڪم ڪري تاريخ ٺاهي ويو پر اسان جي ملڪ حبيب جالب لاءِ ڇا ڪيو آهي؟ ڇا ڪرڻ گهرجي تنهن جو اونو رڳو سندس ڌيءَ يا ان جي خاندان کي ئي ڇو آهي؟
  • اها خبر ته طاهرا جالب کي به ڀلي ڀت آهي ته ملڪي ادرا ان ڪري حبيب جالب کي جوڳو مقام نٿا ڏين، جو هو ” باغي“ شاعر هو. حبيب جالب اُهو شاعر هو، جنهن وقت جي حڪمرانن خلاف شاعري ڪئي.
  • اهو طاهرا به سمجهي ٿي ته حبيب جالب جي فڪر جي ترجماني ڪندڙ اسان جي انقلابي حڪومت جڏهن ايندي تڏهن اُها ئي ان کي جوڳو رتبو ڏيندي.
  • طاهرا جو چوڻ آهي ته حبيب جالب جي ڌيءَ يا سندس خاندان سندس نالي تي فائونڊيشن ٺاهي آهي پر پنجاب حڪومت حبيب جالب جي نالي ڪا چيئر يا لائبريري ته نه ٺاهي آهي پر ڪو روڊ يا شاهراهه به سندس نالي ناهي ڪئي.
  • هُن اعتراف ڪيو ته هوءَ پنجاب جي ڀيٽ ۾ سنڌ اندر پنهنجي بابا جو جوڳو قدر ڏسي ٿي ۽ هتي کيس سندس بابا جا تمام گهڻا مداح ملن ٿا.
  • البته هُن سنڌ جي ادبي حلقن تي اها هجت ضرور ڪئي آهي ته جيئن سنڌ ۾ فيض احمد فيض ميلا ٿين ٿا، تيئن حبيب جالب جا به ادبي ميلا ٿيڻ گهرجن.
  • طاهرا اهڙيون ڳالهيون حيدرآباد ۾ ٿيل ادبي ۽ سياسي تقريبن ۾ ڪيون آهن.
  • اسان طاهرا حبيب جي اوريل ڏکن کي ڀٽائي صاحب جو هي شعر ارپيون ٿا ته ”پٽڻ واريون پڌريون ڳاڙها ڳل سندن، ٻيون ايئن ئي هٿ هڻن، روئنديون روئڻ واريون…..“
  • هاڻي ادبي شخصيتن کي ياد ڪرڻ، سندن پروگرام ڪرائڻ، ڪتاب ڇپرائڻ ۽ مهورتون ڪرائڻ سندن خاندان جو ئي ذمو وڃي رهيو آهي.
  • ڇاڪاڻ ته ادارا ادبي شخصيتن کي ياد ڪرڻ، پروگرام ڪرائڻ، ڪتابن ڇپرائڻ، ڪتابن تي مهورتون ڪرائڻ، ادبي ورڪشاپ ڪرائڻ جو ذمو نٿا کڻن.
  • الميو ته اهو به آهي ته هاڻي ادارن کي اهو ٻڌائڻ به ادبي شخصيتن جي خاندان وارن جو ڪم هوندو آهي ته سندس ڪا ورسي يا جنم ڏينهن آهي ۽ ان موقعي تي اخبارن ۾ ليک لکائڻ ۽ ٽي وي چينلن تي پروگرام ڪرائڻ ۾ به پس پرده سندن خاندان جون ڪوششون هونديون آهن،
  • سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته جيڪڏهن ادبي شخصيتن جا پونئر باشعور ۽ سجاڳ ناهن ته پوءِ ادارا به انهن ادبي شخصيتن کي ياد ڪرڻ جي تڪليف ناهن ڪندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي ۾ وري بدامني جو جن بوتل کان ٻاهر ٿي ويو!

امير ڀنڀرو سڄي دنيا ۾ اڌ صدي کان روشنين جي شهر طور سڃاڻپ رکندڙ شهر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے