20 خميس , سيپٽمبر 2018

ڌرڻو ۽ حڪومتي عملداريءَ جو سوال

راحب علي سولنگي

جڏهن چونڊن جا ڏينهن  ايندا آهن ته ملڪ جون وڏيون سياسي پارٽيون وڏن نعرن سان پنهنجا چونڊ منشور رکڻي اينديون آهن. جڏهن پارٽيون اقتدار ۾ اچي وينديون آهن ته انهن جي قيادت کان پنهنجي پارٽي چونڊ جو منشور به وسري ويندو آهي ڇو ته 2018ع واري اليڪشن ۾ باقي ڪجهه مهينا بچا آهن.انهيءِ باقي بچل ڏينهن ۾ ملڪ جي سياسي صورتحال تمام گهڻي دلچسپ نظرايندي ڏسون ٿا جڏهن ته مارچ 2018 ۾ سينيٽ جون چونڊون آهن جنهن ۾ (ن) ليگ ميدان ماري سگهي ٿي شريف خاندان مٿان نيب ۾ ريفرنس جا ڪيس هلي رهيا آهن. عدالتي حڪم موجب ڇهن مهينن اندر انهن جو فيصلو اچڻو آهي.جيڪڏهن ڇهن مهينن کان بعد نيب ريفرنس جو فيصلو آيو ته ان وقت مسلم ليگ (ن) ڪٿي هوندي؟ ان وقت ملڪي سياست جو منظر نامو ڇا هوندو ڇا ايندڙ اليڪشن 2018 عمران خان جي حق ۾ هوندي يا پيپلز پارٽي مقبوليت ماڻيندي يا پيپلز پارٽي مسلم ليگ (ن) ۾ هڪ ٻيو ميثاق جهموريت وارو معائدو ٿيندو.

جڏهن ته مسلم ليگ (ن) جو ميڙ منٿ وارو سلسلو پيپلز پارٽي سان شروع آهي.جيڪڏهن نيب جو فيصلو شريف خاندان جي حق نه آيو ته ڇا اهو نيب فيصلو شريف خاندان تسليم ڪندو ؟جڏهن ته پاناماليڪس واري فيصلي عدليه تي به ميان صاحب گهڻو ڏمريل آهي. اهو فيصلو قانون ۽ انصاف ۽ جهموريت جي تقاضائن جي روشني ۾ آيو۽ ايندو اهل ايماندار ۽ جهموريت لاءِ ڪارائتو ثابت ٿيندو.

هن وقت ملڪ جي عوام سياست کي ڇڙواڳي جو نالو ڏيئي ٿي. ۽ سياسي پارٽين ۾ موجود سياستدانن کي ڪرپٽ ڪرار ڏيئي ٿي. جڏهن ته پاڪستان جي تاريخ ۾ اسٽيبلشمينٽ سدائين پنهنجي ليبارٽري ۾ آڏا ابتا تجربا ڪندي سياسي پارٽيون ٺاهيندي ۽ ڊاهيندي رهي آهي .ته ڪير بچندو ۽ ڪير رهندو اهو ايندڙ وقت ٻڌائيندو باقي سياستدانن طرفان هڪ ٻئي جي ڪردار تي جيڪي الزام تراشي ڪندي نظر اچن ٿا. ان ڪردار ڪشي کي سياسي مستقبل نه بڻايو. جهموريت جي نالي تي هڪ ٻئي جون ڄنگون ڇڪڻ اها ڪهڙي سياست آهي.جهمورتي کي بچائڻ لاءِ بلند ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي.ڇو ته ملڪ ۾ ٽيڪنو ڪريٽ سيٽ اپ جهڙو ڪو نئين تجربي سان ملڪ ۾ ڪو نئون سياسي ڍانچو اچي سگهي ٿو. باقي (پي ٽي آءِ) ۽ (پ.پ.پ) جو خوش ٿيڻ اجايو آهي. باقي نواز شريف ڪرسي تان ته لٿو پر نيب سندس جان نٿي ڇڏي ڇو ته ملڪ ۾ ايئن هلندو رهندو هڪ سياسي پارٽي ٻئي سياستدان کي تيار ڪندي ڇو ته هن وقت ملڪ ۾ سياسي گرمي پڊ سياسي موسم جي لحاظ کان مناسب ناهي رهيو. هر سياسي ماڻهو سياست جا دڪان سجائڻ لاءِ سياسي جلسن جو وکر هلائي رهيو آهي. غريب عوام کي تبديلين جا خوبصورت خواب ڏيکاريندڙ پنهنجي سياسي جادوگري سان عوام جي دل ۾ پنهنجي لاءِ همدردي پيدا ڪندي نظر اچي رهيا آهن. اسان پنهنجي ووٽن ذريعي انهن کي اقتدار تائين پهچايون ٿا. ۽ سياست جي شترنج ذريعي هو سب ڪجهه حاصل ڪن ٿا.جيڪو هو ڪجهه چاهين ٿا انهيءِ جي ڪري هو سياست ڪندا آهن ملڪي عوام بي سهارا ٿي ويندي آهي. پنهنجي جائز مسئلن جي حل ڪرڻ لاءِ رڙيون ڪندي رهندي آهي.

گادي واري شهر اسلام آباد ۾ لکن جي تعداد ۾ ماڻهو 22 ڏينهن کان احتجاج ڪيو انتطامي۽ عسڪري اهميت وارن ٻن جاڙن شهرن جي ڳنڍڻ واري هنڌ فيض آباد ۾ ڌرڻو هڻي ويٺل هئا.جن سموري چرپر ۽ اچ وڃ مفلوج ڪري ڇڏي هئي. هو ماڻهو مشڪلاتن جو شڪار هئا. ڌرڻو هڻندڙن جو مطالبو وفاقي وزير زاهد حامد جي استعيفيٰ هئي. جيڪا هن ڏيئي ڇڏي جيڪڏهن زاهد حامدکي استعيفيٰ ڏيڻي هئي ته پوءِ وفاقي حڪومت ان کي انا جو مسئلو ڇو بڻايو. ڌرڻو هڻندڙن خلاف هيڏو وڏو آپريشن ڇو ٿيو جنهن جي ڪري بيگناهه 6 ماڻهو موت جو شڪار ٿيا. انهن 6 بيگناهه ماڻهن جو قتل ڪنهن جي کاتي ويندو وفاقي حڪومت يا صوبائي حڪومت پنجاب جي کاتي ۾ ويندو.

حڪمران حيراس ۾ حواس وڃائي ويٺا هئا. انهن جو سمورو ڌيان پنهنجي حڪومت بچائڻ تي هو.عوام جي پريشاني سان انهن جو ڪوبه مطلب نه هو. رياستي عملداري به مذاق بڻائي وئي، وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد جو رياستي قانون به بيوس بڻيل هو. هن ملڪ ۾ ڌرڻن جي تاريخ نرالي آهي.

هن وقت ملڪ ۾ نئين مذهبي سياسي جماعت لبيڪ نروار ٿي آهي.چون ٿا ته پنجاب جي اڳوڻي گورنر سلمان تاثير جي قاتل باڊي گارڊ ممتاز قادريءَ کي  ڦاهي ڏيڻ جي موٽ ۾  هي جماعت وجود ۾ آئي آهي. جيڪا ملڪي سطح تي پنهنجي طاقت جو مظاهر ڪندي نظر اچي رهي آهي.انهيءِ مذهبي جماعت جي چاٻي ڪنهن وٽ هئي جو اهو 21 ڏينهن وارو ڌرڻو ختم ڪرايو ويو. اهو ڌرڻو رياستي قانون ۽ حڪومتي عملداري تي ڄڻ ته چٿر هئي.

وفاقي حڪومت پنهنجا قانوني اختيار استعمال ڪندي به ڪمزور نظر آئي. انهيءِ پويان ڪير هو ۽ ڪنهن ڪنهن کي فائدو پهچي رهيو هو. انهن مظاهرين لکين ماڻهن کي پريشان بڻايو ويو. ملڪ ۾ هن وقت وقت سياسي نظام وڏي گھوٽالي جو شڪار نظر اچي رهيو آهي. ملڪ ۾ هر سياسي ماڻهون پنهنجي سياست جا سياسي مورچا سنڀاليندي نظر اچي رهيو آهي ڇو ته سياسي بحران هڪ خطرناڪ شڪل اختيار ڪندي نظر اچي رهيو آهي.

هڪ طرف سياسي محاظ تي اهڙي مشڪل صورتحال نظر اچي رهي آهي جو هر سياسي ماڻهوءَ جي دل اندر مانڌاڻ متل آهي ڇو ته ملڪ ۾ سياسي عمل ايترو مضبوط ناهي ٿي سگھيو ايندڙ ڏينهن ۾ ڪٽ پتلي سياستدانن جا نعرا هوندا ۽ عوامي سياست اڃان به رسوا ٿيندي.

جيئن ته ايندڙ عام چونڊن لاءِ تياري جو عمل جاري آهي سياسي رٿابندي ڪندڙن جو خيال آهي ته ايندڙ قومي اسيمبليءَ ۾ ڪا به ڌر گھڻي طاقت حاصل ڪري نه سگهندي، مذهبي ڌرين جي اتحاد لاءِ به ڪوششون جاري آهن جئين پنجاب ۾ نوازشريف خيبرپختونخواه ۾ عمران خان کي ڪنٽرول ۾ رکي سگھجي.

اسٽيبلشمينٽ پاڪستان جي آئين ۾ هڪ دفعو وري 85 ٽوبي جي شق شامل ڪرڻ  چاهي ٿي. اهو هت ڏيکاريو آهي هن وقت پاڪستان ۾ 3 وڏيون سياسي پارٽيون قيادت جي بحرانن جي ور چڙهيل آهي. جڏهن ته سنڌ ۾ عمران خان سنڌ جيص شهرن جيڪب آباد، سکر، سيهوڻ، دادو، حيدرآباد، لاڙڪاڻي ۾ سياسي جلسا ڪري چڪو آهي،  جنهن کي عوامي موٽ ملي آهي، تنهن ڪري سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جو مقابلو تحريڪ انصاف سان ٿيندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پوءِ سوال ته ٿيندو…!

شفيق الرحمان شاڪر اڄ کان اٽڪل 22 سال پهرين عمران خان هڪ سياسي پارٽي قائم …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے