26 جمعرات , اپریل 2018

نون ليگ حڪومت ڌرڻي مان ڇا سکيو ۽ وڃايو

کهاوڙ بادشاھ جان

فيض آباد جي اهميت هي آهي ته فيض آباد راولپنڊي ۽ اسلام باد جي وچ ۾ موجود آهي. ان رستي کان الشِفاءِ انٽرنيشنل اسپتال، پمز اسپتال، ايئرپورٽ سميت اهم مرڪزن ڏانهن رستو وڃي ٿو. 21 ڏينهن مظاهرين جي مسلسل ويهڻ ڪري . شهرين کي به اچڻ وڃڻ ۾ ڏکايون پيش پئي آهيون. سائين جن جو تعارف ڪجھ هن ريت آهي. مولوي خادم حسين  رضوي جو تعلق سني بريلوي فقهه سان آهي.  مولوي خادم حسين ڪجھه سالن کان ممتاز قادري جي معاملي تي مسلسل سرعام پنهنجي تقريرن ۾ کلي ڳالهائڻ ڪري شهرت حاصل ڪئي. “ممتاز قادري جنهن پنجاب جي گورنر سلمان تاثير کي سرعام توهين رسالت جو الزام هڻي قتل ڪري ڇڏيو هو. ممتاز قادري جي معاملي تي سخت بيان ڄڻ ڪري قدامت پسندن جي ٽولي ۾ جڳھه ٺاهي. جڏهن ته حڪومت پنجاب مولوي خادم حسين کي اوقاف کاتي مان ڪڍي ڇڏيو هو. پوءِ ان تحريڪ لبيڪ جو بُنياد وڌو. 2013 جي عام چونڊن ۾ 7000 کان وڌيڪ ووٽ کڻي سڀن کي حيران ڪري ڇڏيو. مولوي خادم حسين شيخ الحديث  به آهي. خادم حسين کي 2016 ۾ توهين مذهب جي قانون حق ۾ ريلي ڪڍڻ ڪري لاٺي چارج ڪري جيل ۾ وڌو ويو هو. اڄ به خادم حسين جو نالو فورٿ شيڊول ۾ شامل آهي جنهن جو مطلب آهي. کيس پنهنجي ڪنهن به نقل ۽ حرڪت بابت پوليس کي ٻڌائڻو پوندو آهي. مولوي خادم حسين رضوي جو اٽڪ شهر سان تعلق آهي. هُن جهلم و دينه مدرسي مان ديني تعليم حاصل ڪئي. ان کان پوءِ لاهور جي مشهور اداري ۾ جامعه نظاميه رضويه مان درس نظامي جي تڪميل ڪئي. خاتم النبين واري معاملي جو اثر پوري ملڪ تي پئجي چڪو آهي. ان احتجاج جي آپرشين جا اثر پوري ملڪ تائين محسوس ڪيا ويا. ان معاملي جو مک ميدان پنجاب آهي. مذهبي ڌر جي احتجاج جو دائرو جي ٽي روڊ تائين وڌي ويو هو. جڏهن ته ن ليگ قيادت کي کليل پيغام ڏنو ويو ته جي ٽي روڊ تي اسان جي مقامي قيادت به تمام گھڻي تعداد ۾ موجود آهي ۽ اسان به گهڻو اثر رسوخ رکون ٿا.

قانون جي وفاقي وزير زاهد حامد خان جي استعفىٰ کان پوءِ نيٺ معاملو حل ٿي ويو. حڪومت وقت جي پريشاني به ختم ٿي وئي. مظاهرين معاهدي کان پوءِ گهرن ۽ علائقن ڏانهن روانا ٿيا ويا. ڊائريڪٽر جنرل رينجرز پنجاب خيرسگالي جي جذبي تحت مظاهرين وٽ ڀاڙو نه هجڻ ڪري مذهبي ڌر جي ماڻهن کي لفافي ۾ بند ڪري پيسا ڏنا ويا. آرمي چيف ۽ سندس ٽيم جي ڪاوشن سان حڪومت ۽ مظاهرين لبيڪ يارسول الله جي تنظيم سان مسئلو حل ٿي ويو. ۽ ائين پيارو پاڪستان وڏي الميه کان بچي ويو.

نه ڄاڻ هن ملڪ سان ڇا ٿي رهيو آهي مذڪوره ٿيل قصي وانگيان اسان جا سياستدان هڪ ٻيڙي ۾ سوار هجڻ باوجود ان ٻيڙي ۾ پاڻَ ئي سوراخ ڪڍن پيان پر اهي وساري ويٺا آهن ته ان ٻيڙي ۾ هو پاڻ به سوار آهن. پاڪستان جي راڄڌاني شهر اسلام باد کي يرغمال بڻائڻ آسان بڻجي ويو آهي. اڳواڻي پ پ جي دورِ حڪومت خلاف چند مطالبن خاطر علامه طاهر قادري 5000 ماڻهو وٺي شهر کي يرغمال بڻائي ڇڏيو. تازو ن ليگ جي حڪومت خلاف شروعاتي سالن دوران پي ٽي آءِ پاران فقط 4 تڪن جي نئين سر سان ڳڻپ خاطر اڍائي مهينن کان وڌيڪ عرصي کان اسلام آباد ڌرڻي جي گهيري هيٺ رهيو. جنهن دوران معشيت کي ڪاپاري ڌڪ رسايو ويو. اسان جا سياستدان هڪٻئي کي گهٽ ڏکارڻ جي ڪري ملڪ، قوم ۽ ادارن جو نقصان ڪن ٿا. فقط پنهنجي شخصيت ۽ انا کي سڪون پهچائڻ خاطر عوام ۽ ادارن جو نقصان ڪري ستياناس ٿا ڪري ڇڏين. عوام به ويچاري انهن ٻن دوستن وانگيان آهي جيڪي ٻيڙي کي بچائڻ جي ڪوشش۾ رڌل هئا. عوام ڪڏهن پ پ جي قيادت تي اعتبار ڪري اکيون بند ڪري ووٽ ڏئي اقتدار جي مسند تي پهچائي ٿي. پاداش ۾ ويچاري عوام انتقامي ڪاروائي، ظلم بربريت، بدامني ۽ بيروگاري سان منهن ڏئي ٿي.  جيڪڏهن عوام پ پ کان تنگ ٿي ڪري نون ليگ جي قيادت کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪري حڪومت ڪرڻ جو موقعو ڏئي ٿي. پر بدلي ۾ نون ليگ حڪومت جي نشي ۾ ايتري ته مشغول ٿي وڃي ٿي ، جو ان کي سڄي کٻي ڪجھه به نظر نه ٿو اچي. سواءِ امريڪا جي رياست ۾ پاناما ۾ آف شورس ڪمپينون ٺاهڻ، لنڊن جي مشهور ۽ مهانگي علائقي ۾ فليٽس وٺي قومي خزاني کي بيدردي سان لٽي ڇڏڻ. جيڪڏهن اسان جا حڪمران ذاتي مفاد ڇڏي ڪري، قومي، مذهبي ۽ سماجي مسئلن تي ڌيان ڏين ته ڪا به سياسي ۽ مذهبي ڌر اسلام آباد وڃڻ ته پري جي ڳالھه آهي. پر ڪو شهر جي مک چوڪ ۽ روڊ تي ڌرڻو  هڻي نه ويهندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جهونو جوڳي ۽ ڪرنٽ افيئر

يار محمد شاهه جهوني جوڳيءَ مواليءَ کي دڙڪا ڏيندي چيو ته ”هن وقت ن ليگ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے