25 سومر , جون 2018

خريداريءَ وقت سائي رنگ جي ڪيلن کي نظر انداز نه ڪيو…

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪيلا خريد ڪرڻ وقت ماڻهن جي اڪثريت ڦڪي رنگ جي ڪيلن کي ترجيح ڏيندي آهي پر سائي رنگ جي ڪيلن کي ڪچو سمجهيو ويندو آهي، جيڪي ذائقي ۾ ڪنهن حد تائين ڦڪن ڪيلن کان مختلف هوندا آهن ۽ اهي يورپي ملڪن ۾ کاڌي لاءِ به استعمال ٿيندا آهن. ماهرن جو چوڻ آهي ته سائي ڪيلي جي استعمال سان توهان ڪيترائي فائدا حاصل ڪري سگهو ٿا. اسان توهان کي سائي رنگ جي ڪيلن جي فائدا ٻڌائي رهيا آهيون.

1: سائي رنگ جا ڪيلا وزن گهٽائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا آهن، اهي جسم مان اضافي چرٻي جو خاتمو ڪري وڌيڪ ٿولهه کان روڪيندا آهن.

2: اهي ڪيلا جسم ۾ انسولين کي بهتر بڻائيندا آهن، انهن ۾ موجود وٽامن بي رت ۾ مٺاڻ جي سطح کي برقرار رکندي آهي، شگر ٽائپ ٽو ۾ انهن جو استعمال ڏاڍو فائديمند آهي.

3: انهن ڪيلن ۾ وڏي مقدار ۾ موجود فائبر رت ۾ موجود ڪوليسٽرول کي ڪنٽرول ڪندو آهي، جن ماڻهن کي هاءِ ڪوليسٽرول جهڙي پريشاني آهي ماهرن انهن کي ساوا ڪيلا استعمال ڪرڻ جي صلاح ڏني آهي.

4: ساون ڪيلن ۾ موجود پوٽاشيم دل جي صحت لاءِ به ڏاڍو فائديمند آهي، اهو جسم ۾ رت جي رواني کي بهتر بڻائي دل کي مختلف مرضن کان محفوظ رکي ٿو.

5: وٽامن بي سان ڀرپور ساوا ڪيلا جسم ۾ هيموگلوبين جي سطح کي بهتر بڻائن ٿا، انهن جي استعمال سان جسم ۾ رت جا ڳاڙها خال ڀرجندا آهن، جنهن سان صحت بهتر ٿيندي آهي.

6: ساوا ڪيلا جسم ۾ ميٽابولزم کي بهتر بڻائيندا آهن، اهي جسم ۾ موجود چرٻي کي توانائيءَ ۾ تبديل ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا.

7: بڪين جي ڪنهن به مسئلي جي صورت ۾ انهن ڪيلن جو استعمال ڪنهن نعمت کان گهٽ ناهي، انهن جا جسم ۾ اليڪٽرو لائٽ بيلنس بهتر ٿيندو آهي، جيڪو بڪين جي صحت لاءِ ضروري آهي.

8: ڪو به مهانگو بيوٽي پراڊڪٽ خريدڻ کان اڳ ساوا ڪيلا استعمال ڪري ڏسو، انهن ۾ موجود وٽامن اي ۽ اينٽي آڪسائيڊنٽ جلد جو هر مسئلو ختم ڪرڻ لاءِ بهترين ذريعو آهي.

9: ساون ڪيلن ۾ موجود پوٽاشيم هڏن جي واڌ ويجهه لاءِ بهترين آهي، اهي ڪيلا غذا ۾ شامل ڪري هڏ مضبوط ڪري سگهجن ٿا.

10: ساون ڪيلن جو استعمال دماغي پريشاني گهٽائيندو آهي، انهن ۾ موجود پروٽين خوشگوار هارمونز فراهم ڪندا آهن،  جيڪي دماغ کي پرسڪون رکندا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عالمي اداري صحت ويڊيو گيمون کيڏڻ جي عادت کي ذهني بيماري تسليم ڪري ڇڏيو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) عالمي اداري صحت پهريون ڀيرو ويڊيو گيمن کي مسلسل کيڏ ڻ جي عادت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے