21 ڇنڇر , جولاءِ 2018

سنڌ جي زراعت کي معاشي ڌٻڻ ۾ ڌڪڻ بجاءِ هٿي ڏيڻ جي ضرورت

سنڌ بنيادي طور تي زراعت تي پاڙيندڙ خطو آهي، سنڌ جي معاشي خوشحالي زرعي اُپت سان لاڳاپيل آهي، جنهن ڪري ضروري آهي ته سنڌ جي زراعت کي ٻيڻي ٻانهن ڏئي به معاشي حوالي سان سگهارو ۽ جٽادار بڻائجي، ان ڏس ۾ سنڌ جو زراعت ۽ آبپاشي وارو کاتو خاص ڪري زراعت سان لاڳاپيل ادارا پنهنجا فرض ۽ ذميواريون نڀائڻ لاءِ اڳتي وک وڌائن آبادگارن/هارين جي زرعي  مسئلن جي حل لاءِ پنهنجون پاليسون نئين سر ترتيب ڏئي  زراعت کي هٿي ڏيڻ ۽ ڪارائتو بڻائڻ لاءِ کين تحرڪ وٺڻو پوندو.

گذريل ويهن ورهين کان آبادگار/هاري پنهنجي اپايل زرعي جنس جي اگهن بابت سرڪاري طور خريداري ڪرڻ لاءِ سرڪار آڏو احتجاج ڪندا رهيا آهن، ڄاڻايل کاتي جي ذميوار انتظاميا زراعت سان لاڳاپيل مسئلن کي حل ڪرڻ کان ڪن لاٽار ڪري رهي آهي پر آبادگار/هاري، ان ڳالهه تي پڪو پختو موقف رکندڙ آهن ته زراعت کي هٿ وٺي  تباهه ڪيو پيو وڃي.

زراعت جي حوالي سان جيڪي اهم جنسون آهن، انهن جي پوکائي تي  انتهائي گهڻي محنت ۽ لاڳت خرچ ايندي آهي، مثال طور، ڪڻڪ، ساريون، ڪمند، وونئڻ، تيلي ٻج، سايون ڀاڄيون ۽ ميوا، جيڪي انساني زندگيءَ لاءِ انتهائي بنيادي ۽ ضروري شيون آهن، جنهن لاءِ آبادگار /هاري رات ڏينهن، گرمين ۽ سردين ۾ اکين ۾ اوجاڳا پالي بهتر مستقبل جا خواب اُڻندا آهن، ڇاڪاڻ جو مسلسل نظرانداز ڪرڻ باوجود  به کين سرڪار مان ئي چڱائي جي اميد آهي ۽ ان اميد جي آسري تي ئي هو پنهنجو من، تن ۽ ڌن زرعي اپت حاصل ڪرڻ لاءِ ٿا. موٽ ۾ کين ملي ٿي نااميدي، مايوسي ۽ معاشي بدحالي،

ڪڻڪ، وونئڻ، ساريون ۽ ڪمند، روڪ رقم جي حيثيت رکندڙ فصل آهن، جن سرڪاري طور مقرر ڪري سرڪار کي ئي خريدڻ کپي، يا وري سرڪاري اگهه آبادگارن/هارين کي ڏيارڻ واري عمل کي يقيني بڻائجي، زراعت سرڪار ڏانهن سرڪار جي بي ڌياني ۽ نظر انداز ڪرڻ وارو رويو نهايت ئي ڏکوئيندڙ آهي، جنهن کي  بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي. زراعت ۽ آبپاشي کاتي کي فعال ڪردار ادا ڪري  زراعت کي تباهه ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ ايمرجنسي لاڳو ڪري لاڳاپيل مسئلن کي نبيرڻ لاءِ اڳتي اچڻو پوندو.

ڪمند ۽ ڪڻڪ جو لاڳاپو:

ڪمند نومبر مهيني ۾ پيڙائي لاءِ تيار ٿي ويندو آهي ۽ جڏهن شگر ملون چمنيون ٻاري پيڙائي لاءِ تياريون ڪنديون آهن، تڏهن  آبادگار/هاري ڪمند جي واڍي شروع ڪندا آهن، ڪمند جي وقت سر واڍي نه ڪرڻ جو مک سبب شگر ملن جو نه هلڻ ۽ ڪمند جي خريداري نه ڪرڻ، ٻيو سبب ڪمند جو سرڪاري طور اگهه مقرر نه ڪرڻ ٻڌايويا ٻڌڻ ۾ ايندو رهيو آهي، جڏهن آبادگار/هاري ڪمند جو سرڪاري اگهه مقرر ڪرائڻ لاءِ تنظيمي طور تي تحرڪ وٺندي آبادگار بورڊ لکت ۾ پنهنجي تجويزون لاڳاپيل سرڪاري کاتن ڏانهن موڪلي، سندن ڌيان ڇڪائيندا آهن، آبادگار/هاري جي مطالبن کي نه ٻڌڻ ۽ معاملي کي اينگهائڻ کانپوءِ سرڪار خلاف احتجاجي تحريڪ اُڀري ٿي ۽ آبادگار/هاري مجبور ٿي احتجاج ذريعي پنهنجا حق حاصل ڪرڻ جي جدوجهد ڪندي ڏسڻ ۾ ايندا رهيا آهن.

پوکيل ڪمند جي وڍي ڪري زمينون خالي ڪرڻ بعد ان ۾ ڪڻڪ جي پوکائي ڪئي ويندي آهي، ڪمند جي واڍي نه ٿيڻ ۽ زمينون خالي نه ٿيڻ سبب آبادگار/اهڙي ٻٽي عذاب ۾ اچي ويندا آهن. شگر ملن جي مالڪن جي هڪ هٽي، ملي ڀڳت يا ڏاڍائي سبب آبادگار/هاري احتجاج ڪرڻ تي مجبور آهن، شگر ملن طرفان خريداري ۽ مقرر سرڪاري اگهه نه ڏيڻ سبب ڪمند زمينن ۾ سڪي رهيو آهي، ڇاڪاڻ جو پيڙائي جي مند اچڻ تي وقت سر ڪمند جي واڍي نه ٿي سگهي ته  ڪمند زمين ۾ بيٺل هوندي به پنهنجو وزن گهٽائڻ لڳندو آهي، جيڪو به آبادگار/هاري جو نقصان آهي. اهڙي صورتحال ۾ ڪمند جو وزن برقرار رکڻ لاءِ هر ڏهن ڏينهن کانپوءِ ڪمند جي فصل کي پائي ڏيڻ  لازمي هوندو آهي، جيڪو پاڻي کوٽ سبب ناممڪن عمل هوندو آهي، ڪمند جي فصل کي گهربل پاڻي نه ملندو ته اهو پنهنجي روايتي اُپت کان به گهٽ اُپت ڏيندو ۽ فصل تي سيڙايل موڙي موٽڻ جي ڪا به پڪ نه هوندي آهي، مهانگا ٻج زرعي دوائون ۽ يوريا ڀاڻ، زرعي اُپت ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ آهن پر سڀ کان اهم ڪردار آهي، فصل جي مند تي لهڻ ۽ مارڪيٽ ۾ وڪري لاءِ پهچڻ. جنهن لاءِ سرڪاري طور اگهه مقرر ڪرڻ ۽ فصل جي لهڻ جي مند  مقرر ڪري فصل جي خريداري ڪرڻ لاءِ سرڪاري مرڪز قائم ڪرڻ ضروري آهي. رڳو زرعي فصلن جي اُپت وڌائڻ سان زراعت کي فائدو نه ٿيندو پر اصل ۾ فصلن جا سرڪاري طور تي امدادي اگهه مقرر ڪري زراعت کي پاڻ ڀرو ڪري سگهجي ٿو.

اسان سرڪار کي تجويز ڏينداسين ته عارضي بنيادن کان هٽي نج زراعت دوست پاليسي جوڙي آبادگار/هاري کي ٻج، ڀاڻ، زرعي دوائن ۽ زرعي اوزارن بجلي توڙي تيل اگهن ۾ رعايت ڏئي گهٽ ۾ گهٽ پنج سالا پاليسي جوڙي ان تي سختي سان عمل ڪرائجي ۽ آبادگار/هاري کي معاشي ڌٻڻ ۾ ڌڪڻ بجاءِ  ان کي هٿ ڏئي مٿي آڻجي ته جيئن هو زراعت جي شعبي ۾ ترقي آڻي گهڻي /جهجي زرعي اپت حاصل ڪري سنڌ کي معاشي طور تي سگهارو ڪرڻ لاءِ پنهنجي موڙي ۽ پورهيو ڪتب آڻي پاڻ به سرڪار جي معاشي پاليسين مان لاڀ حاصل ڪري سگهن ۽ سنڌ کي زرعي اُپت جي حوالي سان پاڻ ڀرو ڪري سگهن.

سومر 27 نومبر 2017ع، 8 ربيع الاول 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

هيڏا هاڃا ٿين، بري هن ڀنڀور ۾

جنهن ڪيفيت نصرپور جي هندو نينگر ڪمار کي مايوسي ۽ نراسائي جي ڌٻڻ ۾ ڌڪي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے