19 خميس , جولاءِ 2018

مسئلي جي حل لاءِ سچائي ۽ سنجيدگيءَ سان ڪوشش ڪري رهيا آهيون: احسن اقبال

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير احسن اقبال چيو ته فيض آباد آپريشن جو فيصلو به انتظاميا جو هو ۽ ڌرڻي وارن خلاف آپريشن روڪڻ جو فيصلو به انتظاميا ئي ڪيو، اسان معاملي جي حل لاءِ سچائي ۽ سنجيدگيءَ سان ڪوشش ڪري رهيا آهيون. خانگي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي احسن اقبال چيو ته بدقسمتي سان ڪجهه اهڙا سياسي عنصر آهن، جيڪي ڇڪتاڻ کي هٿي ڏئي رهيا آهن، سڀاڻي هر ڪو پنهنجا مطالبا مڃرائڻ لاءِ ڌرڻي هڻي ويهي رهندو، جن خلاف ثبوت ئي ناهي، هڪ گروهه انهن کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪري رهيو آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ اختلافن ۽ نفرتن کي گهٽ ڪرڻو آهي، پاڪستان اڳ ئي ٻاهرين خطرن کي منهن ڏئي رهيو آهي، اسان اندروني مسئلن جو پرامن طريقي سان حل چاهيون ٿا. سندس چوڻ هو ته قانون سازي رڳو حڪومت جي نه هئي، ان ۾ سڀ پارٽيون شامل هيون، جاچ ٿيڻ ڏيو، جيڪڏهن بدديانتي ثابت ٿئي ته ان خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، ڀل اهو اسان جي پارٽي سان ڇو نه واسطو رکندو هجي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪ فوج طرفان سوشل ميڊيا تي پکڙيل ٿريٽ الرٽس جي ترديد

راولپنڊي( ويب ڊيسڪ ) پاڪ فوج ملڪ جي مختلف شهرن ۾ دهشتگرد حملن جي خطري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے