18 اڱارو , سيپٽمبر 2018

زاهد حامد جي استعيفيٰ بدران بي گناهن تي گوليون هلايون پيون وڃن: شيخ رشيد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عوام مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته حڪومت ڄاڻي واڻي مسئلو پيدا ڪيو آهي، کٽڪو آهي ته جنهن جنهن چونڊ سڌارن واري بل جي تياري ۾ حصو ورتو ان جي گهر تي حملو نه ٿئي. خانگي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته چونڊ سڌارن واري بل ۾ ختم نبوت صه جي شق کي ڄاڻي واڻي ڪڍيو ويو هو ۽ نواز شريف کي اعتماد ۾ وٺڻ کانپوءِ ئي اها شق ڪڍي وئي هئي. زاهد حامد جي استعيفيٰ بدران بي گناهه ماڻهن تي گوليون هلايون پيون وڃن، جنهن سبب ماڻهو مڇرجي رهيا آهن. هن چيو ته احسن اقبال پيو چئي فيض آباد نه پر سڄي ملڪ جو گهرو وزير آهيان، هو پنهنجو گهر ئي نٿو سنڀالي سگهي ته ملڪ ۾ امن امان ڪيئن بحال ڪرائيندو. شيخ رشيد مطالبو ڪندي چيو ته قانون وارو وزير استعيفيٰ ڏئي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

Karachi: Feudal locked school and captured its land

سپريم ڪورٽ فوجي عدالت مان سزا مليل چئن جوابدارن جي سزا روڪي ڇڏي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ  )  سپريم ڪورٽ فوجي عدالتن مان سزا مليل  چئن جوابدارن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے