26 جمعرات , اپریل 2018

فيض آباد ڌرڻو ختم ڪرائڻ جي ذميواري پنجاب رينجرز حوالي، نوٽيفڪيشن جاري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) فيض آباد ۾ جاري مذهبي پارٽي جو ڌرڻو ختم ڪرائڻ لاءِ ذميواري پنجاب رينجرز حوالي ڪئي وئي آهي ۽ ان حوالي سان گهرو وزارت نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو آهي. پنجاب رينجرز کي اها ذميواري 26 نومبر کان 3 ڊسمبر تائين ڏني وئي آهي. گهرو وزارت فيض آباد ۾ مذهبي جماعت جي ڌرڻي کي ختم ڪرائڻ لاءِ پنجاب رينجرز کي ذميواري ڏيڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن موجب آپريشن جو انچارج ڊي جي رينجرز پنجاب ميجر جنرل اظهر نويد خان هوندو. گهرو وزارت رينجرز کي فيض آباد ڪليئر ڪرائڻ جي ذميواري سول اختيارن تحت ڏني آهي، جڏهن ته رينجرز اها ذميواري 26 نومبر کان 3 ڊسمبر تائين نڀائيندي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

هندن جي مذهبي پيشوا کي ڇوڪريءَ سان زيادتي ڪرڻ تي عمر قيد جي سزا

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ هندن جي مذهبي پيشوا  آسارام باپو کي جنسي زيادتي …