17 اربع , جنوري 2018

ختم نبوت ترميم جي ذميوارن جي نشاندهي ڪري کين سزا ڏني وڃي: آرمي چيف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم جي صدارت هيٺ ٿيل اعليٰ سطحي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته فوج راڄڌاني ۾ سرڪاري هنڌن جي حفاظت لاءِ مقرر هوندي پر ڌرڻي خلاف آپريشن ۾ حصو نه وٺندي. شاهد خاقان عباسي جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ مشاورتي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف، گهرو وزير احسن اقبال، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا، ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل نويد مختار ۽ ٻين اعليٰ اختيارين شرڪت ڪئي. وزيراعظم ۽ شرڪت ڪندڙن کي گهرو وزير ڌرڻو هڻندڙن خلاف ڪارروائي، گرفتارين ۽ ملڪ جي اندرين صورتحال جي حوالي سان بريفنگ ڏني. اجلاس ۾ طئي ڪيو ويو ته آرٽيڪل 245 تحت فوج کي طلب ڪيو ويو آهي ۽ پاڪ فوج سرڪاري هنڌن جي حفاظت لاءِ موجود رهندي پر ان جو ڌرڻي خلاف آپريشن سان ڪو واسطو نه هوندو. اجلاس ۾ اتفاق ڪيو ويو ته مظاهرو ڪندڙن کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ جي ذميواري پوليس ۽ سول سيڪيورٽي ادارن جي آهي، انتظاميا ۽ ضلعي حڪومت جو ڪم آهي ته اهي ڌرڻي وارن سان ڳالهيون ڪن ۽ کين پرامن طريقي سان ڇڙوڇڙ ڪيو وڃي. اجلاس ۾ آرمي چيف وزيراعظم کي صلاح ڏيندي چيو ته اسان پنهنجي ئي عوام خلاف طاقت جو استعمال نٿا ڪري سگهون، پاڪستاني عوام فوج سان محبت ۽ ان تي اعتماد ڪري ٿو، معمولي فائدن بدلي ان اعتماد کي نقصان نٿو پهچائي سگهجي، ختم نبوت ترميم جي ذميوارن جي نشاندهي ڪري انهن کي سزا ڏيڻ گهرجي، ملڪ ۾ بدامني ۽ انتشار جي صورتحال صحيح ناهي، ڇو ته ان سان سڄي دنيا ۾ پاڪستان جي ساک متاثر ٿيندي. جنرل قمر جاويد باجوا چيو ته اسان کي متحد رهڻو آهي، پاڪ فوج حڪومت جي ماتحت آهي ۽ سونپيل ذميواريون نڀائڻ لاءِ تيار آهي پر سڀني آپريشنز کانپوءِ فوج آخري آپشن هجڻ گهرجي، رياست کي خطرو هجڻ جي صورت ۾ فوج کي گهرائڻ گهرجي. آرمي چيف اها به تجويز ڏني ته اليڪٽرانڪ ميڊيا تي پابندي ختم ڪئي وڃي ۽ رڳو مخصوص حالتن ۾ مختصر مدي لاءِ پابندي لڳائي وڃي، آرمي چيف جي سمورين تجويزن کي شاهد خاقان عباسي ۽ شهباز شريف منظور ڪندي انهن تي عمل جو حڪم ڏنو آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

سوات ۽ ڀرپاسي زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا

سوات (ويب ڊيسڪ) سوات ۽ ڀرپاسي زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا آهن. ريڪٽر اسڪيل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے