18 جمعرات , جنوری 2018

رينجرز فيض آباد انٽر چينج تي ڌرڻي واري هنڌ ڪنٽرول سنڀالي ورتو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان رينجرز اسلام آباد ۾ فيض آباد انٽر چينج تي ڌرڻي واري هنڌ جو ڪنٽرول سنڀالي ورتو آهي. پوليس ۽ فرنٽيئر ڪور کي آءِ ايٽ مرڪز ۾ مقرر ڪيو ويو آهي، رينجرز آءِ جي پي روڊ، ايڪسپريس وي، مري روڊ ۽ فيصل اوينيو کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو آهي ۽ حالتون مڪمل طور پرامن ٻڌايون پيون وڃن. رپورٽن موجب حڪومت فيض آباد انٽر چينج تي ڌرڻي واري هنڌ رينجرز کي مقرر ڪيو آهي، پوليس ۽ ايف سي کي ڌرڻي واري هنڌ تان هٽائيندي انهن کي آءِ ايٽ مرڪز تي مقرر ڪيو ويو آهي. مظاهرو ڪندڙن جو وڏو انگ به ڌرڻي واري هنڌ گڏ ٿي رهيو آهي، جڏهن ته ڪنٽينر تي اڳواڻن جي تقريرن جو سلسلو به جاري آهي ۽ رينجرز جي اچڻ کانپوءِ اڃا تائين ڪو اڻ وڻندڙ واقعو پيش ناهي آيو. صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ بڪتر بند گاڏيون، واٽر ڪينن ۽ ايمبولينسون به ڌرڻي واري هنڌ پهچايون ويون آهن. آءِ ايٽ ۽ فيض آباد جي علائقي ۾ گاڏين جي اچ وڃ بند آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ماڊل ٽائون سانحي پويان شريف ڀائرن جو هٿ آهي، راڻا ثناءُ الله ته صورت مان ئي قاتل لڳندو آهي: عمران خان

لاهور (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته قصور ۾ ڪجهه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے