19 خميس , جولاءِ 2018

حڪومت پنهنجي ذميواري نڀائي

هاڻ جڏهن رستن تي لڳايل ڌرڻن جو ڪلچر ملڪ جي گاديءَ واري هنڌ کان سفر ڪري سنڌ جي راڄڌاني تائين پهتو آهي ته سنڌ حڪومت تي اهو فرض لاڳو ٿئي ٿو ته اها اهڙي شروعات ڪرڻ نه ڏئي، جنهن جي نتيجي ۾ هن عالمي طور روشن شهر جي اصلي سڃاڻپ کي ڪا به ضرب اچي.

ڪنهن به ملڪ جي ماڻهن جو پنهنجي جمهوري حڪومتن ۾ اهو بنيادي حق ٿيندو آهي ته اهي پنهنجي مسئلن لاءِ اٿاريل آواز پنهنجي حڪمرانن تائين پهچائين ۽ ايستائين پنهنجي آواز کي بلند رکن جيستائين سندن آواز ٻڌو نٿو وڃي يا سندن مسئلا حل نٿا ڪيا وڃن.

ساڳي طرح سڀني جمهوريت پسند حڪمرانن جي اها ذميواري آهي ته هو جن ماڻهن جي ووٽ تي اسيمبلين ۾ اچي ويٺا آهن يا حڪمران بڻيا آهن، انهن جي جان، مال ۽ عزت آبرو جو تحفظ ڪن، نه رڳو ايترو پر لازمي آهي ته اهي پنهنجي ملڪ توڻي صوبي جا اهي سڀ مسئلا به  حل ڪن جن سان عوام کي سهولتون ۽ سهنجايون ملڻيون آهن، ان ڪري ووٽ ڏيندڙ عوام کي پنهنجي زبان کولي رکڻي آهي ۽ حڪمران کي پنهنجا ڪن کولي رکڻا آهن، پر ڪن انهيءَ لاءِ کولڻا نه آهن ته اهي عام ماڻهن جي آواز کي هڪ ڪن کان ٻڌي ٻئي ڪن کان ڪڍي ڇڏين.

ساڳي وقت عوام يا ان جي ڪن گروهن کي پنهنجي زبان کولي رکڻي آهي پر اها زبان ڪنهن جي عزت نفس کي مجروح ڪري ايستائين نه وڃڻي آهي، عوام ۽ انهن جي ڪن به گروهن جو ڪو به عمل جيڪڏهن ڪنهن به ٻئي شخص يا گروهه لاءِ  تڪليف جو سبب بڻجي ٿو ته جمهوريت اهڙي اجازت نٿي ڏئي نه ئي ڪو به قانون، مذهب يا اخلاق اهڙي اجازت ڏيندو.

جڏهن ڪو به عمل عام شهرين جي تڪليف جو سبب بڻجي ٿو ته حڪومت جو اهو فرض آهي ته ٿيندڙ عمل جن گهرجن لاءِ ٿي رهيو آهي، انهن گهرجن جو پوراءُ ڪري، جيڪڏهن اهي عمل عام شهرين جي ڪنهن طرح خلاف وڃن ٿا ته انهن کي ڪنهن به طرح روڪڻ جا سڀ بندوبست ڪري.

اڄ جڏهن سنڌ جي راڄڌانيءَ جا سڀ روڊ رستا جنگ وارين حالتن جو ڏيک ڏئي رهيا آهن تڏهن شهرين جي نه رڳو جان، مال ۽ عزت آبرو لاءِ ڏکيو ماحول جڙي رهيو آهي، پر عام شهرين جو زندگيءَ جو ڪار وهنوار به متاثر ٿي رهيو آهي، ان تائين جو ڪنهن ايمرجنسيءَ واري حالت ۾ ڪنهن ايمبولينس جو ڪنهن اسپتال تائين پهچڻ به محال بڻجي ويو آهي، اهڙين حالتن ۾ حڪومت جو جيڪو فرض جڙي ٿو، اها ان فرض تي پوري نه لهي رهي آهي.

سڌريل شهرن ۾ سڌريل قانون هجڻ گهرجن، انهن قانونن جي پاسداري هجڻ گهرجي ۽ حڪومت پاران ڪنهن به طرح زندگيءَ جي عام وهنوار کي متاثر ٿيڻ ڪنهن به طرح نه ڏنو وڃي. اتي عوام کي پريشان ڪري قانون مڃرائيندڙ قوتن سان نه فقط سختي ضروري پر ان سختيءَ جو رد عمل اچڻ کان اڳ ان رد عمل جا اپاءَ پڻ ضروري آهن.

سنڌ حڪومت جو اهو فرض آهي ته اها نه فقط ماڻهن جون گهرجون پوريون ڪري پر ملڪ جي گاديءَ واري شهر کان سفر ڪندڙ ۽ هن شهر ۾ پهچندڙ ان ڌرڻن جي لهر کي ڪنهن به طرح روڪي جيڪا اڳتي هلي ڀڙڪي ڀنڀٽ ٿيڻ واري آهي ۽ ان ۾ گهڻو ڪجهه  سڙي رک ٿيڻو آهي يا رک ٿي وڃڻ جو امڪان آهي.

هن شهر جي امن پسند شهرين جي سڀ کان اول گهر امن آهي، سلامتي آهي، ڪاروهنوار هلندو رهڻ جي خواهش آهي ۽ انهن سڀني مسئلن ۾ جيڪي به ڌريون رخنو وجهن ٿيون اهي هن امن واري شهر جون سڄڻ نه آهن. ان ڪري جيڪڏهن اهي ڌريون سڄڻ بڻجڻ نٿيون گهرن ته انهن سان ٻيءَ ٻوليءَ ۾ ڳالهايو وڃي. انهن سان سخت لهجو اختيار ڪيو وڃي. ضرورت پوي ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جو به سهارو ورتو وڃي، پر هن شهر جي امن تي ڪا به مصلحت نه ڪئي وڃي. ڇاڪاڻ ته اهڙي ماحول کان شهر جو اڪثر عوام تنگ ٿي ويو آهي. هو امن ڀري زندگي جيئڻ گهري ٿو. امن سان شهر کي ڏسڻ گهري ٿو ۽ زندگي جي ڪاروهنوار ۾ ڪنهن به قسم جي رنڊڪ قبول نٿو ڪري، ان لاءِ لازمي آهي ته هن شهر کي پرامن شهر بڻايو وڃي، اها ئي حڪومت جي ذميواري آهي ۽ عام ماڻهن جي گهرج به آهي.

اميد رکون ٿا ته حڪومت سڀ طريقا استعمال ڪري هن شهر  جي امن کي ۽ زندگي جي ڪاروهنوار کي هلندو رهڻ لاءِ ممڪن حد تائين ڪوششون ڪري ماڻهن جي خواهشن تي پورو لهندي، اهي خواهشون جن جي پورائي لاءِ ماڻهن پنهنجو قيمتي ووٽ ڏنو آهي، هو پنهنجي ان ووٽ جو معاوضو فقط امن ۽ سلامتيءَ جي نالي ۾ طلبي رهيا آهن، جيڪو حڪومت جو فرض به آهي ته عوام پاران انهن تي فرض به آهي،  پڪ سان حڪومت  اهو قرض لاهڻ جي به ڪوشش ڪندي ته پنهنجو فرض پورو ڪرڻ جي لاءِ به ڪوششون ڪندي.

آچر  26  نومبر 2017ع، 7 ربيع الاول  1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

عام چونڊن دوران امن امان هر حال ۾ يقيني بڻائڻ جي ضرورت

وفاقي حڪومت اعتراف ڪيو آهي ته ملڪ جي اهم سياستدانن تي چونڊ مهم دوران حملن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے