23 آچر , سيپٽمبر 2018

دوا جو گھڻو استعمال: جراثيمن اينٽي بائيوٽڪ دوائن خلاف مزاحمت پيدا ڪري ورتي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ اينٽي بائيوٽڪ دوائن جي غير ضروري استعمال سان مختلف جراثيمن دوائن خلاف مزاحمت اختيار ڪري ورتي. پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ اينٽي بائيوٽڪ دوائن جو پاڻمرادو ۽ غلط استعمال جو رجحان وڌي رهيو آهي جنهن سان مختلف جراثيم طاقتور ٿي رهيا آهن، طبي ٻولي ۾ ان کي اينٽي مائڪروبائيل ريزسٽنٽ انفيڪشن چيو ويندو آهي. طبي ماهرن موجب  پاڪستان ۾ اينٽي بائيوٽڪ دوائون سڀ کان وڌيڪ تجويز ڪيون وينديون آهن پر اڪثر غير موزو اينٽي بائيوٽڪ دوائون تجويز ڪري ڇڏبيون آهن يا اهي اُن وقت تجويز ڪيون وينديون جڏهن انهن جي ضرورت نه هوندي آهي ۽ ان لاءِ غلط وقت ۽ غلط ڊوز چونڊيو ويندو آهي، اينٽي بائيوٽڪ کي اينٽي مائيڪروبائيل ڊرگس پڻ چيو ويندو آهي جيڪو انسانن ۽ جانورن ۾ بيڪٽيريا سان پيدا ٿيندڙ انفيڪشن خلاف وڙهندو آهي، طبي ماهرن موجب جانورن کي به خوراڪ سان گڏ اينٽي بائيوٽڪ عام طور تي ڏني ويندي آهي جنهن سان سندس بيمارين کي روڪڻ سان گڏ کائنس حاصل ٿيندڙ خوراڪ ۾ اضافو پڻ ڪيو ويندو آهي، انهن ئي جانورن جو گوشت کائڻ سان به انساني جسم جا جراثيم اينٽي بائيوٽڪ خلاف مزاحمت پيدا ڪندا آهن. ماهرن موجب اينٽي بائيوٽڪ دوائن جو اهو قسم آهي جيڪو بيڪٽيريا کي ختم ۽ ان جي نشونما کي روڪيندو آهي، وائرس تي ان جو ڪو اثر نه ٿيندو آ، اينٽي بائيوٽڪ ريزسٽنٽ اصل ۾ بيڪٽيريا جي اها صلاحيت آ جنهن سان هو اينٽي بائيوٽڪ دوائن خلاف مزاحمت پيدا ڪري وٺندو آهي ۽ ان جي اثر کي ختم ڪري ڇڏيندو آ جنهن سان اينٽي بائيوٽڪ بيڪٽيريا ۽ انفيڪشن خلاف موثر نه رهندي آهي، مزاحمت پيدا ڪرڻ بعد بيڪٽيريا وڌيڪ طاقتور ٿي ويندو آهي هو نه رڳو زندهه رهندو آهي پر ان ۾ اضافو ٿيندو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رت جي کوٽ ختم ڪرڻ لاءِ صوف ۽ ڪيلي جو جوس استعمال ڪيو

رت جي کوٽ اهڙو مسئلو آهي، جيڪو هر 10 مان 8 ماڻهن کي هوندو آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے