26 جمعرات , اپریل 2018

18هين ترميم تي عمل واسطي سنڌ سرڪار جي شاندار تياري

سنڌ سرڪار پاران 18هين آئيني ترميم پاس ٿيڻ کان ست سال پوءِ ئي سهي، آئين پٽاندڙ صوبن کي موٽايل کاتن جي سموري ڪاروهنوار توڙي انهن جي ملڪيتن کي صوبن ۾ موٽائڻ جهڙي اهم ترين ڪم جي تياري شروع ڪئي آهي. ان عمل سان سنڌ صوبي کي نه رڳو وسيلن جي حوالي سان پر مختلف سماجي اوسر جي ڏاڪن کي تيزيءَ سان طئي ڪرڻ جو موقعو ملندو.

10 اپريل 2010ع تي قومي اسيمبلي 18هين آئيني ترميم پاس ڪئي هئي. ان ترميم سان 1973ع جي آئين جو 36 سيڪڙو تبديل ڪيو ويو. آئين جي 280 شقن مان 102 شقون بدلايون ويون هيون. ان ترميم وسيلي پاڪستان جي آئيني ڍانچي توڙي صوبائي، وفاقي ۽ گڏيل حقن ۽ اختيارن جي باري ۾ نئين جدول سان فارمولا ترتيب ڏني ويئي. ان ڪري انهن ٽنهي سطحن جون حدون پڻ تبديل ٿيون. ان ترميم وسيلي گڏيل مفادن جي ڪائونسل وٽ 18 اسم رکيا ويا، جن تي گڏيل نموني فيصلو ڪرڻ جو چيو ويو جڏهن ته وفاق 53 اسم ۽ باقي کاتا ۽ اسم صوبن جي حوالي ڪيا ويا. ان ترميم جي روشني ۾ سنڌ سرڪار 2010ع ۾ ئي ”سنڌ روينيو بورڊ“ ٺاهڻ لاءِ سنڌ اسيمبلي مان ائڪٽ پاس ڪيو ۽ ناڻي جي باري ۾ سمورين پاليسين، حدن، ڍل، ان جي گڏ ڪرڻ جي انتظام جو طريقو ٺاهيو ويو.

18هين آئيني ترميم وسيلي 17 وزارتون ۽ کاتا ختم ڪيا ويا جيڪي ساڳين ڪمن لاءِ صوبن ۾ ٺهيل هئا. انهن ۾ ثقافت، اقليتي وهنوار، تعليم، خاص پيشقدميون، ماحوليات، صحت، پورهيو ۽ افرادي طاقت، مڪاني ادارا، ڳوٺاڻي ترقي، سماجي ڀلائي، اسپيشل تعليم، رانديون، نوجوانن جا وهنوار، عورتن جي ترقي، سياحت ۽ زڪوات ۽ عشر شامل هئا. ان ترميم وسيلي انهن کاتن جا ملازم، انهن کاتن جون موجود حصي رسيءَ سان صوبائي ملڪيتون، موجود ناڻو، ترقياتي رٿائن جي منتقلي، هائير ايجوڪيشن يا اعليٰ تعليم لاءِ عارضي انتظام ۽ دائمي ڪوششون صوبن ڏانهن اماڻڻ جو فيصلو ٿيل هيو. مختلف کاتا، ڊويزن ۽ انهن جا اسم جيڪي صوبن ڏانهن منتقل ٿيڻا هيا انهن ۾ ورڪرز ويلفيئر بورڊ جو ناڻو، اي او بي آءِ جون رقمون، هائيرايجوڪيشن جا مامرا، اوقاف ۽ اويڪيو ٽرسٽ جا مامرا ۽ ٻيون ڳالهيون شامل آهن.

اي او بي آءِ وٽ ڏيڍ کرب رپيا جمع ٿيل آهن. ورڪرز ويلفيئر وٽ 81 ارب پيل آهن. پنجاب جو خيال آهي ته اهي رقمون اين ايف سي فارمولا هيٺ ورهايون وڃن جڏهن ته سنڌ صوبي جو خيال آهي ته انهن رقمن کي وسيلن، فنڊز گڏجڻ جي مرڪزن توڙي تعليم ۽ پسماندگي سان ڳنڍيو وڃي.

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪالهه گڏيل مفادن جي اجلاس بابت تياريءَ لاءِ وزيراعليٰ هائوس ۾ رٿيل اجلاس جي صدارت ڪندي چيو آهي ته آئين جي آرٽيڪل 158 تحت صوبي ۾ پيدا ٿيندڙ گيس تي پهريون حق صوبي جي ماڻهن جو آهي ۽ ان جي استعمال مان حاصل ٿيندڙ فائدي تي صوبي جو حق آهي پر ماڻهن کي اهو حق نه پيو ڏنو وڃي. هن چيو ته سنڌ صوبي ۾ 2800 ايم ايم سي ايف ڊي گيس پيدا ٿيندي آهي جيڪا صوبي ۾ استعمال ٿيڻ گهرجي پر ان مان 1000 ايم ايم سي ايف ڊي کان وڌيڪ گيس ٻين صوبن کي ڏني ويندي آهي. هن چيو ته صوبي ۾ هزارين ڳوٺ اهڙا آهن جتي گيس ۽ بجلي نه آهي. صوبي جي صنعتي علائقن ۾ گيس جي لوڊشيڊنگ بحال ٿي وئي آهي جيڪڏهن 1000 ايم ايم سي ايف ڊي سنڌ جي گيس ٻين صوبن کي نه ڏني وڃي ته سنڌ صوبو 15 رپيا في يونٽ بدران 8 رپيا في يونٽ جي حساب سان 5000 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪري سگهي ٿو. ان سان صوبي کي اربين رپين جو نقصان ٿي رهيو آهي انڪري سنڌ جي ماڻهن جو مطالبو آهي ته آئين جي آرٽيڪل 158 جي اصل روح مطابق عملدرآمد ڪيو وڃي. وڏي وزير چيو ته گيس فيلڊ جي 5 ڪلوميٽرن جي دائري اندر ڳوٺن کي گيس فيلڊ ڪنيڪشن اسڪيم تحت گيس ملڻ گهرجي، سنڌ ۾ 437 ڳوٺن کي ان اسڪيم تحت گيس ملندي.ان تي 3591 ملين رپيا خرچ ٿيندا. وڏي وزير چيو ته وفاق چاهي پيو ته سئي گيس ڪمپني 747 ملين رپين جو خرچ ڪري ۽ باقي 2844 ملين رپيا سنڌ حڪومت ادا ڪري، جڏهن ته سنڌ جو اهو واضح موقف آهي ته وفاق اهو سمورو خرچ ادا ڪري. هن چيو ته سنڌ جي ماڻهن وفاقي حڪومت کان گهر ڪئي آهي ته سندن پنهنجي گيس استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي ۽ ان مقصد لاءِ سنڌ اسيمبليءَ ۾ رٿ پڻ پيش ڪئي ويندي. ڊرافٽ ڪيل نيشنل واٽر پاليسي تي ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته جيڪڏهن صوبائي حڪومت پاران اٿاريل خدشن کي شامل ڪيو ويو آهي ته نئين پاليسي قبول ڪئي ويندي. هن چيو ته سندس خدشن ۾ ڪچي وارن علائقن ۽ معيشت جو تحفظ؛ سامونڊي علائقن کي باقائدگيءَ سان خاطرخواهه پاڻي فراهمي لاءِ محفوظ بڻائڻ، برسات جي پاڻيءَ جي ميداني علائقن ۾ نيڪاليءَ جي انتظامن جتي ان کي نيڪالي نه ٿي ڪري سگهجي يا درياهه ڏانهن موڙڻ ۽ مختص پاڻي جي معاهدي کي نقصان پهچائڻ بغير منڍ ۽ پوڇڙي وارن علائقن وچ ۾ پاڻيءَ جي منصفاڻي ورڇ ڪرڻ ۽ مختلف واهن جي پيچ وچ ۾ معقول پاڻي مختص ڪرڻ شامل آهن. وڏي وزير اهو به چيو ته صوبا بچاءَ بندن جي باقائدگيءَ سان مرمت ۽ سارسنڀال جا ذميوار آهن، ٻوڏ واري صورتحال  ۾ وفاقي حڪومت کي فنڊ فراهم ڪرڻ گهرجن. هن چيو ته نيشنل سرفيس ڊرينيج کي به صوبن جي گڏيل صلاح سان ترقي ڏني وڃي ته جيئن صوبي جي سم ۽ ڪلر واري مسئلي تي ضابطو آڻي سگهجي ۽ صوبا ان جي ٻين صوبن ڏانهن وهڪري کان اڳ ان جي ٽريٽمينٽ جا ذميوار هوندا. سيد مراد علي شاهه چيو ته وفاق هائير ايجوڪيشن ڪميشن آرڊيننس 2002 ۾ ترميم ڪري ان جو دائرو اسلام آباد تائين محدود ڪري. وفاق هائير ايجوڪيشن ڊويزن کي صوبي ڏانهن منتقل ڪري جن ۾ ريگيوليشن، رٿابندي ۽ هائير ايجوڪيشن انسٽيٽيوشنس جي فنڪشنز ۽ اسيٽس کي سنڌ هائير ايجوڪيشن ڏانهن منتقل ڪري. وفاقي هائير ايجوڪيشن ڪميشن، سنڌ جي پبلڪ سيڪٽر يونيورسٽيز کي جيڪي سڌي سنئين فنڊنگ ڪندو آهي اها سنڌ حڪومت ذريعي ڪري. وڏي وزير چيو ته آءِ پي سي واري وزارت هڪ طريقيڪار بڻائي ته سمورا اثاثا ۽ فنڪشنز سنڌ ڏانهن منتقل ٿي وڃن.

سنڌ صوبي پاران سي سي آءِ جي اجلاس لاءِ اڳواٽ تياري اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته صوبائي هائير ايجوڪيشن ڪميشن، ايل اين جي درآمد، گيس پيدا ڪندڙ گيس فيلڊ جي 5 ڪلوميٽرن جي دائري ۾ ايندڙ ڳوٺن کي گيس فراهم ڪرڻ، فسڪل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جوڙڻ، نيشنل واٽر پاليسي، اي او بي آءِ ۽ ورڪرز ويلفيئر فنڊ جي ڊيويليوئيشن جو اسٽيٽس  ۽ ٻيا معاملا سي سي آءِ ۾ ايندا.

ڇنڇر 25 نومبر 2017ع، 6 ربيع الاول 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

عوام جي دردن جو درمان جمهوريت ۾ ئي سمايل آهي

چيف جسٽس آف پاڪستان، جسٽس ميان ثاقب نثار واضح ڪيو آهي ته آئين کان مٿانهون …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے