17 اڱارو , جولاءِ 2018

ماهرا خان پاران سنسر بورڊ تي ٺٺول

ڪراچي (شوبز نيوز) ماهرا خان سماجي رابطي واري ويب سائيٽ ٽوئٽر تي هڪ ٽوئيٽ ذريعي پنهنجي فلم تي لڳايل پابندي تي سينٽرل بورڊ آف فلم سينسرز تي ٺٺول ڪئي آهي، اداڪارا پنهنجي فلم تي تنقيدي انداز ۾ هڪ ڊس ڪليمر ڏنو آهي. ان ڊس ڪليمر ۾ فلم ورنا لاءِ چيو ويو آهي ته ”هن فلم ۾ جيڪو ڪجهه به آهي اهو تصوري طور آهي، جيڪڏهن حقيقت ٻڌائي وڃي يا ڏيکاري وڃي ته اها تمام گهڻي ڪڙي هوندي، ان فلم ۾ ڏيکاريل ايونٽس مذاق آهن، ڇو ته اسان جي ملڪ ۾ اهڙو ڪجهه به ناهي ٿي رهيو“. پاڪستاني اداڪارا ماهرا خان جي ويجهر ۾ ئي رليز ٿيل فلم ”ورنا“ تي سينٽرل بورڊ آف فلم سنسرز (سي بي ايف سي) پابندي لڳائي هئي، جنهن جو سبب اهو هو ته سينسر بورڊ جي پينل فلم جي خلاف گڏيل طور تي اعتراض ڪيا هئا، پر بعد ۾ فلم جي ٽيم پاران ڪيل درخواست کانپوءِ سي بي ايف سي فلم تان پابندي هٽائيندي فلم کي 17 نومبر تي رليز ڪرڻ جي اجازت ڏني هئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

The Indian Distributors came to the field for Pakistani films

پاڪستاني فلمن لاءِ ڀارتي ڊسٽربيوٽر ميدان تي اچي ويا

لاهور(شوبز نيوز) پاڪستاني فلمن جي معيار ۾ بهتري، عالمي مارڪيٽ تائين پهچڻ لاءِ  پاڙيسڙي ملڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے