16 ڇنڇر , ڊسمبر 2017

برسبين ٽيسٽ: انگلش ٽيم پهرين اننگز ۾ 302 رنسن تي آل آئوٽ

برسبين(اسپورٽس نيوز) ايشز سيريز جي ٻئي ڏينهن انگلينڊ 302 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي جڏهن ته ٻئي ڏينهن جي پڄاڻيءَ تائين ڪينگروز 4 وڪيٽون وڃائي 165 رنسون جوڙي ورتيون. ايشز سيريز جي ٻئي ڏينهن انگلش ٽيم 4 وڪيٽن جي نقصان تي 196 رنسن تان پنهنجي نامڪمل اننگز جي شروعات ڪئي ته ڊيوڊ ميلان 28 ۽ معين علي 13 رنسن سان ڪريز تي موجود هئا پر ٻئي رانديگر وڏي اننگز کيڏڻ ۾ ناڪام ويا ۽ ڊيوڊ ميلان 56 ۽ معين علي 38 رنسون ٺاهي پويلين موٽيا، جڏهن ته جوني بيرسٽو 9، ووڪس ٻڙي، براڊ 20 ۽ بال 14 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا. اهڙي طرح انگلينڊ جي پوري ٽيم 302 رنسن تي ڍير ٿي وئي. آسٽريلوي بالرن ۾ مچل اسٽارڪ ۽ پيٽ ڪيومنس 3،3، ناٿن ليون 2 ۽ هيزلووڊ 1 وڪيٽ حاصل ڪئي. ڪينگروز پنهنجي اننگز جي شروعات به ڪجهه سٺي نه رهي ۽ هڪ اوپنر بينڪروفٽ 5 ۽ ڊيوڊ وارنر 26 رنسون ٺاهي پويلين موٽي ويا، جڏهن ته عثمان خواجا 11 رنسون ٺاهي معين علي جي بال تي ايل بي ڊبليو آئوٽ ٿي ويو. هينڊس ڪومب به 14 رنسون ٺاهي پويلين موٽيو، ڪپتان اسٽيون سمٿ ۽ شان مارش ڪينگروز جي بيٽنگ لائين کي سهارو ڏيندي ترتيبوار 64 ۽ 44 رنسن ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيا، اهڙي طرح ٻئي ڏينهن جي پڄاڻي تي آسٽريليا 4 وڪيٽون وڃائي 165 رنسون ٺاهي ورتيون. انگلش ٽيم جي بالرن طرفان اينڊرسن، براڊ، معين علي ۽ بال هڪ هڪ وڪيٽ ورتي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اسپاٽ فڪسنگ: محمد عرفان اسڪائيپ تي بيان رڪارڊ ڪرائي ڇڏيو

شارجا/لاهور(اسپورٽس نيوز) اسپاٽ فڪسنگ ڪيس ۾ ڪرڪيٽر شاهه زيب حسن ڪيس ۾ فاسٽ بالر محمد …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے