16 ڇنڇر , ڊسمبر 2017

فاٽا جو عوام سيڪيورٽي فورسز جي امن بحالي لاءِ قربانين کي ضايع ٿيڻ نه ڏيندو: آرمي چيف

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جو چوڻ آهي ته فاٽا جو عوام سيڪيورٽي فورسز جي امن بحالي لاءِ قربانين کي رائيگان نه وڃن ڏيندو، هن اهو پيغام فاٽا يوٿ وفد جي آءِ ايس پي آر جي دوري جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڏنو. پاڪ فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر موجب فاٽا يوٿ وفد آءِ ايس پي آر جي دوري دوران فاٽا جي مستقبل بابت يوٿ وفد پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو، وفد فاٽا ۾ امن جي بحالي لاءِ پاڪ فوج جي قربانين کي ساراهيو. ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور امن بحالي ۾ فاٽا جي بهادر عوام جي حمايت کي به ساراهيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جيستائين دنيا آهي، اسان جو وطن به قائم رهندو: خورشيد شاهه

سکر (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے