16 ڇنڇر , ڊسمبر 2017

ڌرڻو: انتظاميا جي مظاهرو ڪندڙن کي اڄ رات 12هين وڳي تائين فيض آباد خالي ڪرڻ جي وارننگ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد انتظاميا ڌرڻي ۾ شرڪت ڪندڙن کي اڄ رات 12هين وڳي تائين فيض آباد خالي ڪرڻ جي وارننگ جاري ڪري ڇڏي جڏهن ته حڪم تي عملدرآمد نه ٿيڻ واري صورت ۾ آپريشن جو اشارو ڏنو ويو آهي. اسلام آباد ۽ راولپنڊي کي گڏائيندڙ فيض آباد انٽرچينج تي مذهبي پارٽي جو ڌرڻو 19 ڏينهن به جاري آهي جنهن کي ختم ڪرائڻ لاءِ حڪومت طرفان ڳالهين جون سموريون ڪوششون ناڪام ثابت ٿيون. اڄ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ٽن ڏينهن ۾ ڌرڻو پريڊ گرائونڊ ڏانهن موڪلڻ واري حڪم کان پوءِ ضلعي انتظاميا ڌرڻي ۾ شريڪ ماڻهن کي آخري وارننگ جاري ڪري ڇڏي آهي. ضلعي انتظاميا طرفان چيو ويو آهي ته ڌرڻي ۾ شريڪ 2 هفتن کان غير قانوني طور فيض آباد ۾ ويٺا آهن، پهرين به ڌرڻي ۾ شريڪ ماڻهن کي ٽي وارننگ وارا نوٽس جاري ڪري چڪا آهيون ان ڪري ڌرڻي ۾ شريڪ اڄ رات 12 وڳي تائين فيض آباد خالي ڪن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جيستائين دنيا آهي، اسان جو وطن به قائم رهندو: خورشيد شاهه

سکر (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے