15 جمعو , ڊسمبر 2017

پاڪستان جي بهادر نياڻي مريم مختيار جي شهادت کي اڄ 2 سال پورا

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي بهادر نياڻي ۽ پاڪ هوائي فوج جي پائلٽ آفيسر مريم مختيار جي شهادت کي اڄ 2 سال پورا ٿي ويا پر وطن لاءِ سندس قرباني کي هميشه ياد رکيو ويندو. مريم مختيار 2014ع ۾ پاڪ هوائي فوج سان بطور فائيٽر پائلٽ طور سلهاڙي، جنهن کان پوءِ هوءَ ويڙهاڪ اڏامون اڏائڻ جون مشقون ڪرڻ لڳي. 24 نومبر 2015ع تي پائلٽ آفيسر مريم مختيار پنهنجن فرضن دوران معمول جي پرواز تي هئي ته اڏام جي انجڻ ۾ باهه لڳي پئي ۽ هو ان حادثي ۾ شهيد ٿي وئي. ميڊيا سان ڳالهائيندي شهيد پائلٽ آفيسر مريم مختيار جي والد جو چوڻ هو ته هن هڪ مرحلي ۾ مريم کي سمجهايو ته توهان سلو فلائنگ يا گرائونڊ تي اچو پر مريم جو عزم رڳو فائٽر پائلٽ بڻجڻ هو ۽ هوءَ ان ۾ ڪامياب ٿي، جنهن کيس بيحد فخر آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اياز صادق جي بيان دل ڏُکائي، سازشن جو مقابلو ڪرڻ گهرجي: نثار کهڙو

ميرپورخاص (ن ع آ) پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙي اعلان ڪيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے