17 اڱارو , جولاءِ 2018

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه طرفان شهيد اي آءِ جي اشرف نور خان کي ڀيٽا پيش

راولپنڊي( ويب ڊيسڪ ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه پشاور ۾ دهشتگردن هٿان شهيد ٿيل ايڊيشنل آءِ جي اشرف نور خان کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو آهي ته اشرف نور جي قرباني کي سلام پيش ڪريون ٿا. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو ته دهشتگرد ڪاررواين سان اسان جي حوصلن کي ڪمزور نه ٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته پوليس سان تعلق رکندڙ ساٿين جي عظيم قربانين کي ڀيٽا پيش ڪريون ٿا. سندس چوڻ هو ته وطن کي درپيش خطرن کي نظر ۾ رکندي اسان جو عزم مضبوط آهي، ڌرتي ماءُ کي دهشتگردن مان ڇوٽڪاري لاءِ اسان جو عزم ڪڏهن به ڪمزور نه ٿيندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Firing on the vehicle of Shaikh Aftab's leader, he was miraculously saved

ن ليگ اڳواڻ شيخ آفتاب جي گاڏي تي فائرنگ ، معجزاڻي طور بچي ويو

اٽڪ(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ۽ ن ليگ اڳواڻ شيخ آفتاب جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے