16 ڇنڇر , ڊسمبر 2017

نواز شريف لاءِ ووٽ نه ڏيندڙ اسيمبلي ميمبرن خلاف ڪارروائي جو فيصلو

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) پ پ جي نااهل شخص جي پارٽي صدارت بابت بل جي موقعي تي نواز شريف کي ووٽ نه ڏيندڙ 20 اسيمبلي ميمبرن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي بل جي موقعي تي 23 ليگي اڳواڻ غير حاضر رهيا، ٽن بيماري سبب موڪل ورتي جڏهن ته ٻين غير حاضري جو سبب نه ٻڌايو.  مسلم ليگ ن جي ذريعن موجب سمورن ميمبرن کي غير حاضريءَ جو سبب ٻڌائڻو پوندو، مير دوستين ڊومڪي، جعفر خان لغاري، عارفه خالد، مطلب مهدي کان به جواب طلب ڪيو ويندو. نيشنل فوڊ سڪيورٽي واري وفاقي وزير سڪندر حيات ٻوسڻ کان به ووٽ نه وجهڻ تي سبب پڇو ويندو. قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جو بل رد ٿيڻ سبب نواز شريف کي پارٽي صدارت پاڻ وٽ رکڻ جو اختيار ته ملي ويو آهي پر اجلاس ۾ ليگي ميمبرن جي بغاوت ۽ ناراضگي کلي سامهون اچي وئي آهي. پارٽي قيادت جي هدايتن باوجود 20 اسيمبلي ميمبرن اجلاس ۾ اچڻ به پسند نه ڪيو. ذريعن موجب رانا عمر نذير، طاهر اقبال، طاهر بشير چيما، سلطان محمود، سرزمين خان، عالم داد لاليڪا ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جيستائين دنيا آهي، اسان جو وطن به قائم رهندو: خورشيد شاهه

سکر (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے