16 ڇنڇر , ڊسمبر 2017

برطانيا حسين نواز خلاف قانوني سهڪار لاءِ نيب جي درخواست منظور ڪري ورتي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) برطانيا جي گهرو وزارت قومي احتساب بيورو (نيب) جي حسين نواز شريف جي ڪيس ۾ قانوني سهڪار ڏيڻ واري درخواست منظور ڪري ورتي آهي. دي نيوز جي ايڊيٽر انويسٽي گيشن انصار عباسي جي رپورٽ موجب برطانوي اختيارين حسين واز جو ڪيس پهرين ئي پنهنجي نينشل ڪرائم ايجمسي جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي جيئن پاڪستان طرفان ڪيل درخواست موجب قانوني سهڪار جو سلسلو شروع ڪري سگهجي. نيب اهڙي ئي قسم جي درخواست نواز شريف جي ننڍي پٽ حسن نواز جي معاملي ۾ به ڪري رکي آهي تنهن هوندي برطانوي اختيارين في الحال ان جو جواب ناهي ڏنو جنهن جي ڪري بظاهر حسن نواز جي برطانوي شهريت ٿي سگهي ٿي. باخبر ذريعن ٻڌايو ته برطانيا طرفان اهو مثبت رد عمل برطانيا جي اهم سرڪاري شخصيت جي پاڪستان جي دوري جي نتيجي ۾ سامهون آيو تنهن هوندي ان شخصيت جو نيب سان تعلق ناهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جيستائين دنيا آهي، اسان جو وطن به قائم رهندو: خورشيد شاهه

سکر (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے