27 جمعہ , اپریل 2018

فيس بڪ تي ڊاڪٽرياڻين کي هراسان ڪرڻ جو سلسلو شروع، ڀنگ جي وصولي تي آفيسر طلب

لاهور(ويب ڊيسڪ) لاهور جي دهشتگردي جي خاتمي واري خاص عدالت ۾ 2 سئو کان وڌيڪ ڊاڪٽرياڻين کي هراسان ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، عورتن کي هراسان ڪرڻ ۽ ڀنگ جي وصولي جي انڪشاف تي عدالت ايف آءِ اي جي آفيسر کي طلب ڪري ورتو آهي. لاهور جي دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت نمبر 1 ۾ ٻه سئو کان وڌيڪ عورتن کي هراسان ڪندڙ ليڊي ڊاڪٽرياڻين جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.  درخوستگذار عدالت کي ٻڌايو ته جوابدار عبدالوهاب ليڊي ڊاڪٽرن کي فيس بڪ تي هراسان ڪندو هو ۽ انهن کان ڀنگ به وصول ڪندو رهيو. درخواستگذار جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته جوابدار وٽان هٿ ڪيل ميموري ڪارڊ ۽ ليپ ٽاپ جي فرانزڪ رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي وئي آهي جنهن موجب آڊيو رڪارڊنگ ۾ موجود آواز جوابدار جو ئي آهي.  عدالت ايف آءِ جي نمائندي کي ايندڙ ٻڌڻي تي جوابدار جي آواز جي تصديق ڪرڻ لاءِ ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪندي ٻڌڻي 28 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ليڊي ڊاڪٽر هراسمنٽ ڪيس ۾ هن وقت تائين 22 شاهد پنهنجا بيان قلمبند ڪرائي چڪا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

خواجه آصف جي نااهلي جو فيصلو درست ناهي: راڻا ثناءَ الله

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پنجاب جي قانن واري وزير راڻا ثناءَ الله چيو آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے