21 ہفتہ , اپریل 2018

پي ٽي وي حملو ڪيس: عمران خان کي جاچ لاءِ پوليس سامهون پيش ٿيڻ جو حڪم

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) دهشتگرديءَ جي انت واري عدالت پي ٽي وي حملي ڪيس سميت ٻين ٽن ڪيسن ۾ عمران خان کي پهريون پوليس سامهون پيش ٿي بيان قلبند ڪرائڻ جي هدايت ڪئي آهي. اسلام آباد ۾ ڌرڻي وقت عمران خان تي پي ٽي وي، پارليامينٽ ۽ ايس ايس پي عصمت جوڻيجي تي حملي سميت 4 ڪيس داخل ڪيا ويا. عمران خان اسلام آباد جي دهشتگرديءَ جي خاتمي واري عدالت ۾ پيش ٿيو. عدالت کيس جاچ لاءِ پوليس سامهون پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي. عدالت ڪيس جي جاچ آفيسر کي هدايت ڪئي ته پي ٽي وي، پارليامينٽ حملي ۽ ايس ايس پي عصمت الله جوڻيجي ڪيس سميت چئن ڪيسن ۾ عمران خان جو بيان قلمبند ڪيو وڃي. عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 7 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

بجلي بحران: وڏي وزير مراد علي شاهه وزير اعظم کي ٽيون خط لکي ڇڏيو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ بجلي جي بدترين بحران ۽ لوڊشيڊنگ جي عذاب کي ختم ڪرڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے