23 سومر , جولاءِ 2018

بجلي پيدا ڪندڙ مهانگا پاور پلانٽ بند ڪري رهيا آهيون: عابد شير علي

لاهور( ويب ڊيسڪ ) پاڻي ۽ بجلي واري ممڪلتي وزير عابد شير علي چيو آهي ته  بجلي پيدا ڪندڙ مهانگا پاور پلانٽس بند ڪري رهيا آهيون، ڪو به پاور پلانٽ تيل جي کوٽ سبب بند نه ٿي رهيو آهي. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عابد شير علي چيو ته ماضيءَ جي ڪنهن به حڪومت بجلي لاءِ ڪو به ڪم نه ڪيو، پراڻن پاور پلانٽس سبب مسئلا پيدا ٿي رهيا آهن، سستي بجلي پيدا ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته حڪومت لوڊشيڊنگ جو وقت ٻن کان ٽن ڪلاڪن کان وڌڻ نه ڏنو آهي. سندس چوڻ هو ته جتي بجلي چوري ٿيندي اتي لوڊشيڊنگ جاري رهندي، پاور لومز وارا اسان کي چون ٿا ته لوڊشيڊنگ ڪئي وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پرڏيهي مخلوق اندرين مافيا سان مليل آهي: عمران خان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چيو آهي ته پرڏيهي مخلوق اندرين مافيا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے