24 منگل , اپریل 2018

اسلام آباد ۾ مذهبي تنظيم جو ڌرڻو 19 هين ڏينهن به جاري

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد ۽ راولپنڊيءَ کي ملائيندڙ فيض آباد انٽر چينج تي مذهبي تنظيم تحريڪ لبيڪ يا رسول الله جو ڌرڻو 19 هين ڏينهن به جاري آهي. حڪومت ۽ مذهبي تنظيم ۾ ڌرڻو ختم ڪرائڻ بابت سمورا اجلاس بي نتيجا ختم ٿي ويا ۽ ڪابه ڌر پنهنجي مطالبي تان پوئتي هٽڻ لاءِ تيار ناهي. امن امان برقرار رکڻ لاءِ حڪومت طرفان ڪيل اپائن سبب سهري سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن. ڪيترن ئي اهم روڊن کي ڪنٽينر لڳائي بند ڪيو ويو آهي جنهن سبب شهرين کي متبادل رستن تي ٽريفڪ جام جهڙن مسئلن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.ڪيترن ئي ڏينهن کان ميٽرو بس سروس به معطل آهي جڏهن ته فيض آباد ۽ چوطرف جا دڪاندار به سخت پريشان آهن. اسڪول ۽ ڪاليج ويندڙ شاگردن توڙي شاگردياڻين کي ڊگهو سفر طئي ڪري پنهنجي منزل طرف پهچڻو پوندو  آهي، اهڙي نموني آفيسن ۾ ڪم ڪندڙ ملازم به سخت پريشان آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

مريد ڪي ۾ ٻن گروپن ۾ فائرنگ، 5 ڄڻا مارجي ويا

مريد ڪي(ويب ڊيسڪ) مريد ڪي ۾ ٻن گروپن ۾ فائرنگ سبب 5 ڄڻا مارجي ويا. …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے