23 آچر , سيپٽمبر 2018

ڏوهاري کي پارٽي سربراهه بڻائڻ جي حمايت جمهوريت جي توهين آهي: عمران خان

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان چيو آهي ته نواز شريف سان منهنجي ڀيٽ توهين آهي، اڳوڻو وزيراعظم عوام ۾ وڃي عدالتن تي حملا ڪري رهيو آهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته نواز شريف کان جڏهن پڇا ڪئي وئي ته پئسا ڪيئن ڪمايا ته هن هڪ خطري خط پڪڙائي ڇڏيو. هن چيو ته نواز شريف سان ڀيٽ ڪرڻ کان وڌيڪ منهنجي توهين ٿي نه ٿي سگهي. سندس چوڻ هو ته قائد اعظم کانپوءِ واحد پاڪستاني آهيان جنهن پرڏيهه ۾ پئسا ڪمائي ڏيهه آندا آهن. عمران خان چيو ته 160 اسيمبلي ميمبرن کي شرم نه ٿو اچي جن هڪ ڏوهاري کي پارٽي سربراهه بڻائڻ جي حمايت ڪئي، اها جمهوريت جي توهين آهي. هن چيو ته پرويز مشرف کي پرڏيهه ڪنهن وڃڻ ڏنو، ڪير ذميوار آهي، پرويز مشرف بابت نواز شريف کان پڇان ٿو ته کيس ڪنهن ڪڍيو آهي؟

هي به ڏسي سگهو ٿا

In India, Pak-Indo-India battles again, to strive to reach the two teams final

پاڪ – ڀارت دنگل: گرين شرٽس جو ڀارت خلاف ٽاس کٽي بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو

دبئي (اسپورٽس نيوز) ايشيا ڪپ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ۾ اڄ پاڪستان ۽ ڀارت جون ٽيمون هڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے