18 جمعرات , جنوری 2018

پشاور ۾ آپگهاتي ڌماڪو، ايڊيشنل آءِ جي محمد اشرف نور محافظ سميت شهيد

پشاور( ويب ڊيسڪ ) پشاور جي علائقي حيات آباد ۾ پوليس آفيسر جي گاڏي ڀرسان آپگهاتي ڌماڪي جي نتيجي ۾ ايڊيشنل آءِ جي هيڊ ڪوارٽر اشرف نور محافظ سميت شهيد ٿي ويو. ايڊيشنل آءِ جي اشرف نور گهر مان آفيس وڃي رهيو هو ته رستي ۾ موٽرسائيڪل تي سوار آپگهاتي بمبار پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو. ڌماڪي کانپوءِ گاڏي مڪمل طور تباهه ٿي وئي، جڏهن ته علائقي ۾ فائرنگ پڻ ٻڌي وئي. واقعي ۾ اي آءِ جي اشرف نور ۽ سندس محافظ موقعي تي ئي شهيد ٿي ويا، جڏهن ته 4 ماڻهو زخمي ٿي پيا. اطلاع ملندي ئي سڪيورٽي فورسز جي وڏي نفري علائقي کي ڪڙو چاڙهي امدادي ڪارروايون شروع ڪيون ۽ مارجي ويلن جي لاشن توڙي زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو. آءِ جي ڪي پي صلاح الدين محمود تصديق ڪئي ته ڌماڪو آپگهاتي هو، اسان جنگ جي حالت ۾ آهيون. هن چيو ته دهشتگردن سان جنگ جاري رکي ويندي، پوليس جا حوصلا بلند آهن، ملڪ ۽ قوم لاءِ هر قرباني ڏني ويندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ماڊل ٽائون سانحي پويان شريف ڀائرن جو هٿ آهي، راڻا ثناءُ الله ته صورت مان ئي قاتل لڳندو آهي: عمران خان

لاهور (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته قصور ۾ ڪجهه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے