17 اڱارو , جولاءِ 2018

دپيڪا پڊوڪون هندو انتهاپسندن جي ڌمڪين خلاف خاموشي ٽوڙي ڏني

ممبئي (شوبز نيوز) باليووڊ ڊمپل گرل دپيڪا پڊوڪون به هندو انتهاپسندن پاران ڏنل ڌمڪين خلاف خاموشي ٽوڙي ڇڏي. باليووڊ فلم پدماوتي شروع کان ئي هندو انتهاپسندن جي نشاني تي رهي آهي، ان حوالي سان شوٽنگ دوران به پوري ٽيم کي ڪيتريون ئي مشڪلون پيش آيون، هندو انتهاپسندن پاران فلم جي حقيقت غلط بيان ڪرڻ جو الزام لڳايو ويو هو ۽ فلم جي رليز کي روڪڻ جو مطالبو ڪيو ويو هو  ۽ ان سان گڏ احتجاج به ڪيو ويو. هندو انتهاپسند جماعت شري راجپوت ڪرني سينا پاران فلم جي رليز ڪرڻ جي صورت ۾ سنجي ليلا ڀنسالي ۽ دپيڪا پڊوڪون جي سرن جي قيمت 10 ڪروڙ مقرر ڪئي وئي هئي ۽ دپيڪا جو نڪ ڪٽڻ جي ڌمڪي پڻ ڏني وئي هئي، پر آخرڪار هندو انتهاپسندن جي ڌمڪين خلاف دپيڪا پنهنجي خاموشي توڙي ڇڏي. ڀارتي ميڊيا مطابق هڪ انٽرويو ۾ اداڪارا دپيڪا پڊوڪون چيو ته هوءَ اهڙن بيانن کان بالڪل به نٿي ڊڄي، پر هن کي هڪ فنڪار، ڀارتي شهري ۽ عورتن هجڻ طور اها خبر ٻڌي ڏاڍو افسوس ٿيو، فلم پدماوتي کي پهرئين ڊسمبر تي ريليز ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو پر هاڻي فلم کي 12 جنوري تي ريليز ڪيو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

The Indian Distributors came to the field for Pakistani films

پاڪستاني فلمن لاءِ ڀارتي ڊسٽربيوٽر ميدان تي اچي ويا

لاهور(شوبز نيوز) پاڪستاني فلمن جي معيار ۾ بهتري، عالمي مارڪيٽ تائين پهچڻ لاءِ  پاڙيسڙي ملڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے