16 ڇنڇر , ڊسمبر 2017

نواز شريف جو نظريو آهي ته کائو پيئو ۽ ڀڄي وڃو: شيخ رشيد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته عوام کي هاڻ ڏسڻ گهرجي ته ڪير ظالم آهي ۽ ڪير مظلوم آهي، خوف آهي ته نواز شريف جي ڪري وڌيڪ سياسي انتشار پکڙبو. خانگي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته نواز شريف سياست ۾ رڳو مال ڪمائڻ لاءِ آيو، سندس نظريو آهي ته کائو پيئو ۽ ڀڄي وڃو. سندس چوڻ هو ته جن جون 19 ڪمپنيون نڪتيون، اهي چون ٿا اسان کي ڪير نٿو پڇي سگهي، قوم پڇڻ جو حق رکي ٿي ته انهن وٽ ايتري دولت ڪيئن آئي؟. هن چيو ته پنجاب ۾ مقابلو ن ليگ ۽ پي ٽي آءِ وچ ۾ آهي، پاڪستان ۾ حقيقي اپوزيشن عمران خان ڪري رهيو آهي. شيخ رشيد چيو ته مريم نواز پنهنجي سياست جي شروعات ڪوڙ سان ڪئي، زرداري تي عمران خان تنقيد ڪندو آهي ته اهو سندس حق آهي، عمران خان جي ڳالهه مڃي وقت کان اڳ چونڊون ڪرايون وڃن.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

جيستائين دنيا آهي، اسان جو وطن به قائم رهندو: خورشيد شاهه

سکر (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے