15 جمعو , ڊسمبر 2017

ڀارت ۾ هندو انتهاپسندن 3 عالمن کي هلندڙ ريل مان ٻاهر اڇلي ڇڏيو

آگره(ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ هندو انتهاپسندن 3 عالمن کي تشدد جو نشانو بڻائڻ کان پوءِ هلندڙ ريل مان ٻاهر اڇلي ڇڏيو. ڀارتي ميڊيا موجب گلزار، ابوبڪر ۽ اسرار نالي 3 عالم ريل ذريعي نئين دهلي کان ڀارتي رياست اتر پرديش ۾ پنهنجي اباڻي علائقي باغ پت وڃي رهيا هيا. ٽرين ۾ ساڻن گڏ سوار هندو انتهاپسندن کين سخت تشدد جو نشانو بڻايو ۽ پوءِ هلندڙ ريل مان ٻاهر اڇلي ڇڏيو. واقعي کان پوءِ احمديه پوليس اسٽيشن ۾ ڪيس داخل ڪرايو ويو.  ايس ايس پي جي پرڪاش سنگهه جو چوڻ آهي ته درخواست جي روشني ۾ 6 اڻڄاتل ماڻهن خلاف تعزيرات هند جي قلم 147، 323 ۽ 352 جي تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ۽ اهو ڪيس ريلوي پوليس ڏانهن منتقل ڪيو ويندو جڏهن ته واقعي ۾ ملوث ماڻهن کي جلد ئي گرفتار ڪيو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

يورپي ملڪ پسند ۽ ناپسند تحت يڪجهتي جي اظهار کان پاسو ڪن: جرمن چانسلر

برسلز (ويب ڊيسڪ) جرمن چانسلر انجيلا ميرڪل يورپي يونين جي سمٽ شروع ٿيڻ کان اڳ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے