15 جمعو , ڊسمبر 2017

نواز شريف ملاقات جي ڳالهه ناهي ڪئي، کيس آصف زرداري جي سهاري جي ضرورت ناهي: راڻا ثناءُ الله

لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب جي قانون واري وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته نواز شريف ڪنهن ملاقات جي ڳالهه ناهي ڪئي ۽ نه ئي کيس آصف زرداري جي سهاري جي ضرورت آهي. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته اليڪشن جو بروقت ٿيڻ جمهوريت کي جڏهن ته جمهوريت کي بچائڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. جيڪڏهن آصف زرداري ان رستي ۾ رنڊڪ بڻيو ته اهو داڳ پيپلز پارٽي ڪڏهن به ڌوئي نه سگهندي. اڳوڻو صدر پنهنجي مفاهمت جي سياست جي ورثي جو لحاظ ڪري، سندس رويو ذاتي ناراضگي يا ڪنهن کي خوش ڪرڻ لاءِ آهي. هن چيو ته نواز شريف  ڪنهن کان ملڻ جو ذڪر ناهي ڪيو،  نواز شريف جيڪڏهن ڪنهن سان ملڻ چاهي ٿو ته رڳو جمهوريت ۽ بروقت اليڪشن لاءِ، کيس آصف زرداري جي سياسي سهاري جي ضرورت ناهي. قانون واري وزير جو چوڻ هو ته اسلام آباد ڌرڻي وارن جو ڪو به سياسي مطالبو ناهي، اسان ڌرڻي جو پرامن حل ۽ طاقت استعمال ڪرڻ کان سواءِ ختم ڪرڻ جا خواهشمند آهيون. ان ڪري اسان جون ڪيترائي ڀيرا ڳالهيون ٿيون، راجا ظفر الحق جي ڪميٽي تي سڀني کي اعتماد آهي، اميد آهي هڪ هفتي ۾ مثبت اڳڀرائي ٿيندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سياستدانن کي عدالتن طرفان نااهل قرار ڏيڻ وارن فيصلن جي ڀرپور مذمت ڪيان ٿو: سعد رفيق

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير ۽ مسلم ليگ ن جي اڳواڻ خواجا سعد رفيق …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے