16 ڇنڇر , ڊسمبر 2017

گذريل 30 سالن کان نواز شريف جمهوريت خلاف هر سازش ۾ حصو ورتو: بلاول ڀٽو زرداري

لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي سربراهه بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسان کي پارلياماني پارٽي کي بااختيار بڻائڻو آهي، گذريل 30 سالن کان نواز شريف جمهوريت خلاف هر سازش ۾ حصو ورتو. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پيپلز پارٽي جمهوريت لاءِ قربانيون ڏنيون، گذريل 30 سالن کان جمهوريت خلاف هر سازش ۾ نواز شريف شامل ٿيو آهي، اسان جمهوريت کي مضبوط بڻائڻو چاهيون ٿا. هن چيو ته پيپلز پارٽي هميشه جمهوريت جو ساٿ ڏنو آهي جڏهن ته جمهوريت کي نواز شريف مان خطرو آهي. هن چيو ته بدقسمي سان ميان صاحب نظريي جي بري ۾ ڪجهه نٿو ڄاڻي، سموريون سياسي پارٽيون متفق آهن ته ملڪ ۾ جمهوريت مضبوط هئڻ گهرجي، ميان صاحب مفادپرست رهيو ۽ هاڻ به آهي. هن ووڌيڪ چيو ته نواز شريف کان درخواست آهي ته هو جيڪو ڪجهه ڪري رهيو آهي اهو نه ڪري ۽ اسحاق ڊار پنهنجو ئي چيڪ سائن نٿو ڪري سگهي ته پاڪستان جو ڪيئن ڪندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جيستائين دنيا آهي، اسان جو وطن به قائم رهندو: خورشيد شاهه

سکر (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے